سرينگر (ويب ڊيسڪ) يوم القدس جي موقعي تي والاريل ڪشمير جي تاريخي جامع مسجد ۽ ان ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪيو ويو آهي.
جامع مسجد جي خطيب ۽ عليحدگي پسند اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي ٻيهر پنهنجي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پهرين مارچ تي ايران تي ٿيل حملي خلاف والاريل ڪشمير ۾ مظاهرا ٿيا هئا جنهن کانپوءِ هڪ هفتي تائين اتي سيڪيورٽي پابنديون لاڳو رهيون ۽ انٽرنيٽ به معطل رهي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جمعي ڏينهن سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا، هتان جي مفتي اعظم ناصر الدين خميس تي ئي جمعته الوداع جو اعلان ڪيو هو.
واضح رهي ته اڄ سموري دنيا ۾ رهندڙ مسلمان فلسطينين سان ايڪي ۽ اسرائيلي زيادتين خلاف احتجاج طور يوم القدس به ملهائي رهيا آهن.
ان ڪري سرينگر ۽ ٻين ضلعن جي وڏين مسجدن ۽ اهم خانقاهن جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
مير واعظ عمر سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي لکيو ته” رمضان جي آخري جمعي تي هزارين ماڻهو شهرن، ڳوٺن ۽ وسندين مان تاريخي جامع مسجد ڏانهن رخ ڪندا ، جڏهن ته مسجد جا هڙئي دروازا بند ڪيا ويا آهن.“
والاريل ڪشمير ۾ يوم القدس جي موقعي تي قابض ڀارتي فوج رنڊڪون کڙيون ڪري ڇڏيون، مير واعظ عمر فاروق نظر بند
You might also like