ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نهال هاشمي سنڌ جي گورنر جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت نهال هاشمي کان سندس عهدي جو حلف ورتو.
سنڌ جي گورنر جي حلف برداري تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو گذريل ڏينهن ڪيو ويو هو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري سندس مقرري جي منظوري ڏني هئي.
نهال هاشمي جي سياسي ڪيريئر تي هڪ نظر
ڪراچي سان واسطو رکندڙ نهال هاشمي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان مسلم ليگ ن سان واڳيل آهي، هو 1997 کان 1999 تائين وزيراعظم نواز شريف جو قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار رهيو، 2012 ۾ هن ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ پوءِ آگسٽ 2014 ۾ کيس سنڌ ۾ مسلم ليگ ن چيپٽر جو جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو.
نهال هاشمي 2015 ۾ مسلم ليگ ن جي پنجاب واري سيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هاڻي کيس گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته 2017 ۾ پاناما ڪيس بابت تڪراري بيان تي نهال هاشمي کي مسلم ليگ ن مان نيڪالي ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ 2021 ۾ سندس رڪنيت بحال ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته هن وقت گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري آهي، جيڪو ايم ڪيو ايم پاڪستان سان سلهاڙيل آهي.
You might also like