مٺياڻي ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ، عدالت ويندڙ 2 ڄڻا قتل

نوشهروفيروز/مٺياڻي (رپورٽ: ظفر تڳر/امير علي ملڪ) مٺياڻي ڀرسان فريد ديرو ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي زميني تڪرار تان ٻه ڄڻا ڪورٽ ٻڌڻي تي ويندي گوليون هڻي قتل، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته مٺياڻي ڀرسان فريد  ديرو ٿاڻي جي حد ڏيپارجا ٽي دڳي وٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ ڌڻي بخش ۽ اصغر مشوري موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته مقتولن جا لاش ڪيترو ئي وقت واقعي واري هنڌ پيل رهيا، اھڙو اطلاع فريد ديرو پوليس کي ڏنو ويو جيڪا واقعي واري هنڌ پھچي مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، مقتولن جي وارثن چيو ته اسان جو زميني تڪرار هلندڙ آهي، اڳ ۾ به اسان جا علي گل ۽ علي بخش مشوري قتل ڪيا ويا هئا ، اڄ پڻ اسان جا نوجوان قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فريد ديرو ايس ايڇ او رمز علي وساڻ جو چوڻ هو ته قاتلن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ تمام جلد قاتل قانون جي ڪٽھڙي ۾ هوندا، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته مشوري برادري سان تعلق رکندڙ ۽ مقتول جي وارثن ايس ايس پي نوشھروفيروز آفيس اڳيان لاش رکي ڌرڻو هڻي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، ايس ايس پي نوشھروفيروز مير روحيل خان کوسو مقتول جي وارثن ابراھيم مشوري ، علي غلام مشوري ، اڪبر مشوري کي آفيس ۾ گھرائي ڪيس ۽ ٻين سان ڳالھيون ڪري کين قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي  ڌرڻو ختم ڪرايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.