پاڪستان ۾ اڄ تيل اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت پاران تيل جي نون اگهن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو. پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ جو چوڻ آهي ته نوان اگهه عالمي مارڪيٽ جي سراسري اگهن جي بنياد تي مقرر ڪيا ويندا، پر هن وقت اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته پيٽرول مهانگو ٿيندو يا نه ٿيندو.  ٻئي طرف، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه لاڳيتو وڌي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب وچ اوڀر جي جنگ پاڪستاني معيشت لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن  اها جنگ وڌيڪ عرصو هلي ته پاڪستان جي پرڏيهي ادائيگين تي دٻاءُ وڌندو ۽ پرڏيهه مان ايندڙ ناڻو پڻ متاثر ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته عالمي حالتن ۽ تيل جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي، حڪومت گذريل هفتي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 55 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.