ايران جا اسرائيل ۽ آمريڪي اڏن تي طاقتور حملا، اسرائيل ڌماڪن سان ڌڏي ويو، خوف جي لهر

تهران/بغداد/تل اببيب (م ڊ) ايراني انقلابي گارڊز پاران حملن جي 41هين لهر جو اعلان ڪندي اسرائيل ۽ علائقي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي جديد هائپرسونڪ ۽ ڪلسٽر ميزائلن سان وڏي پيماني تي حملا ڪيا ويا آهن. هي حملا رمضان جي شهيدن ۽ ڪمانڊر محمد پاڪپور جي ياد ۾ ڪيا ويا. ايراني ميڊيا موجب، ڪويت جي احمد الجابر ايئرپورٽ کي جديد فتح هائپرسونڪ ميزائل سان نشانو بڻايو ويو. اهڙي طرح، يو اي اي جي الظفره بيس تي آمريڪي ميرين جي رهائشگاهن، عراق ۾ آمريڪي اڏن ۽ تل ابيب ۾ اسرائيلي فوجي مرڪزن تي خرمشهر، قدر ۽ ‘خيبر شڪن ميزائلن ذريعي حملا ڪيا ويا، جن ۾ هڪ ٽن وزني وار هيڊز استعمال ڪيا ويا. انقلابي گارڊز فارس خليج  ۾ آمريڪي ملڪيت جي آئل ٽينڪر صف سيا کي نشانو بڻائڻ جي وڊيو به جاري ڪئي آهي. ٻئي طرف، عراق جي تيل واري وزير بصره ويجهو ٽينڪرن تي حملن کانپوءِ سڀني تيل ٽرمينلز تي آپريشن معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته واپاري بندرگاهون کليل آهن. آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز پنهنجي تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي فوجي اڏن ۽ ٺڪاڻن کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي. خطي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 آمريڪي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جن ۾ 11 خالص فوجي اڏا يا اهم ٺڪاڻا شامل آهن. رپورٽن موجب، ڪل 7 آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن، 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن جڏهن ته اسرائيل ۾ 2000 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. جنگ جي تيرهين ڏينهن لبنان ۾ اسرائيلي بمباري سبب شهيدن جو انگ 634 ٿي ويو آهي ۽ 8 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ايران ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب 1348 شهري شهيد ۽ 12 هزار زخمي ٿيا آهن. سعودي عرب پاران پنهنجي اوڀر واري علائقي ۾ 18 ڊرونز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪويت ۽ عمان ۾ به تيل جي ذخيرن ۽ عمارتن تي حملا رپورٽ ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.