ڪراچي(اختيار کوکر)سنڌ حڪومت جي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جو قصن جو سلسلو جاري آهي،نڪتا رپورٽ موجب 19ارب رپيا جي ڪڻڪ سرڪاري گودامن مان گم ٿي وئي، 18 ارب رپيا جي ڪڻڪ خراب ٿي وئي، 30 ارب 40 ڪروڙ رپيا جي ڪڻڪ وڪرو ئي نه ٿي ۽ سنڌ حڪومت تي 110 ارب رپيا جو قرض باقي آهي.تازو رپورٽ مطابق، سرڪاري گودامن مان هڪ لک 41 هزار 904 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گم ٿي وئي آهي. هي رپورٽ خوراڪ کاتي پاران 27 فيبروري 2026 تي صوبائي ڪابينا ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي.ان کان اڳ 6 آڪٽوبر 2025 تي ٿيل صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو هو ته سرڪاري گودامن ۾ موجود 13 لک 85 هزار ٽن ڪڻڪ مان هڪ لک 20 هزار ٽن ڪڻڪ کائڻ جي لائق نه هئي، جنهن تي 18 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا هئا.آڪٽوبر 2025 تائين سنڌ حڪومت فوڊ اڪائونٽ ۾ 130 ارب رپيا مقروض هئي. فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ وڪڻي قرض ادا ڪيو وڃي، پر 27 فيبروري 2026 تائين 3 لک 79 هزار ٽن ڪڻڪ گودامن ۾ ئي پيل رهي،فلور مل مالڪن اها ڪڻڪ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. باقي بچيل ڪڻڪ ٻه ٽي سال پراڻي آهي، هاڻي اها استعمال لائق نه رهي آهي، ۽ ان ۾ ڌوڙ جا ذرڙا ۽ ڪجهه خراب مال شامل ٿي ويو آهي، جيڪو ملز ۾ استعمال نٿو ٿي سگهي.فلور ملز ايسوسيئيشن جي صدر جنيد عزيز چيو ته ٻه ٽي سال پراڻي ڪڻڪ صاف سٿري نه رهي آهي،ان ۾ مٽي ۽ ٻيا ذرا پئجي ويا آهن،اسان انهن کي ملن ۾ نٿا هلائي سگهون،خوراڪ کاتي جي تازو رپورٽ موجب، چوري ٿيل ، ملاوٽ ٿيل ۽ خراب ڪڻڪ جو مجموعي مقدار 2 لک 11 هزار ٽن کان وڌيڪ آهي.حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪراچي جي گودامن ۾ موجود خراب ڪڻڪ هن رپورٽ ۾ شامل ئي نه ڪئي وئي، حالانڪه ميڊيا ڪراچي جي سرڪاري گودامن ۾ سڙي ختم ٿيل ڪڻڪ جا هزارين ٻوريون ڏيکاري چڪي آهي،فوڊ انسپيڪٽر مست علي مهر چيو ته 38 هزار ٻوريون ٽي نمبر تي، ۽ اڍائي لک ٻوريون ٻه نمبر بلاڪ ۾ پيل آهن جن جي قيمت 3–4 ارب رپيا آهي،ٻن ٽن سالن کان گودامن ۾ اها ڪڻڪ پيل آهي،ظاهر آهي خراب ئي ٿيندي،سنڌ حڪومت فوڊ اڪائونٽ ۾ 110 ارب رپيا کان وڌيڪ مقروض آهي، پر هاڻي بينڪن کان نئون قرض وٺي، 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ وڃي رهي آهي. شايد ان کي ئي چون ٿا "مال مفت، دل بي رحم”.