پاڪستان،ايران،ترڪي نئين طاقت طور سامهون ايندا:مشاهد حسين

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر سياستدان مشاهد حسين سيد چيو آهي ته ورلڊ آرڊر ختم ٿي ويو آهي، هاڻي فوجي طاقت ئي نئون آرڊر آهي،ايندڙ ڏهن سالن ۾ پاڪستان، ترڪي، ايران، سعودي عرب ۽ انڊونيشيا نئين طاقت طور سامهون ايندا،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ايران جنگ ثابت ڪئي آهي ته اولهه ٽُٽي ويو آهي. چين ۽ روس گڏ ٿي رهيا آهن، نار جي  ملڪن جو بلاڪ ٽُٽي رهيو آهي، نئون اتحاد قائم ٿيندو، سڀ  کان وڌيڪ فائدو روس ۽ چين جو ٿيندو،هن چيو ته پاڪستان لاءِ هن وقت سڀ کان وڏو معاشي موقعو آهي۔ ترڪي، ايران، سعودي عرب ۽ قطر سان تعلقات مثالي بڻايا وڃن۔ جن ماڻهن پاڪستان مان پئسا ٻاهر موڪليا، حلال يا حرام، انهن سڀني کي عام معافي ڏيو، پر شرط اها هجي ته پئسا واپس آڻن،پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر اچي سگهن ٿا،هن چيو ته صدر ٽرمپ وائڙو ٿي ويو آهي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو مسلمانن خلاف تهذيب وار جنگ ڏانهن وڌي رهيو آهي، انهيءَ لاءِ مسجد الاقصي بند ڪئي وئي،هن چيو ته اسرائيل شڪست کان پوءِ ايٽمي بم استعمال ڪري سگهي ٿو، هاڻي نيتن ياهو ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ فاصلو پيدا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن مڊ ٽرم چونڊن ۾ ٽرمپ هارايو، ته صدر ٽرمپ کي مواخذي کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڊيموڪريٽس کيس نه ڇڏيندا،هن چيو ته ايران عالمي تاريخ ۾ وڏو ڪمال ڪيو آهي.منهنجو خيال آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جو بيڪ چينل رابطي ۾ آهي،امريڪا جي ڪوشش آهي ته مسلمان ملڪ پاڻ ۾ وڙهن، پر ائين نه ٿي رهيو آهي.ثابت ٿيو ته قوم ۾ جان هجي ته توهان جنگ ۾ فتح حاصل ڪري سگهو ٿا. تازي عرصي ۾ پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن وڏي طاقت جي سامهون ڄمي مقابلو ڪيو ۽ انهن جون رڙيون ڪڍرايون،هن چيو ته هن وقت موساد ۽ سي آءِ اي فالس فليگ آپريشن ڪري رهيا آهن، مسلمان ملڪن کي نهايت خبرداري سان قدم رکڻو پوندو.گلف بلاڪ هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، گلف ملڪن آمريڪين جي ميزباني ڪئي، هٿيار ورتا، اڏا ڏنا، پر آخرڪار آمريڪا انهن کي نقصان پهچايو آهي،هن چيو ته  هاڻي آمريڪا تي اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، اعتبار پاڪستان ۽ ترڪي تي ٿي سگهي ٿو.هن وقت رياض هجي، تهران  هجي، پاڪستان جو ڪردار سڀ کان اهم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.