ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان سنڌ جي گورنر کي تبديل ڪرڻ جي فيصلي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان گورنر سنڌ جي تبديلي بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ترجمان جو چوڻ هو ته وفاق طرفان ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ان فيصلي بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي حڪومت جي فيصلي تي جلد پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪندي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گورنر کي تبديل ڪرڻ جي هڪ طرفي فيصلي کان پوءِ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو به جواز ناهي. اها روايت رهي آهي ته سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم پاڪستان جو آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان مسلم ليگ نواز (پي ايم ايل اين) جي اتحادي آهي، ۽ گورنر جو آئيني عهدو ايم ڪيو ايم جو حق آهي، جنهن کان ان کي محروم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان کي ميڊيا ذريعي سنڌ جي گورنر جي تبديلي جي خبر پئي. وفاق هن فيصلي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي اعتماد ۾ نه ورتو. اهڙي هڪ طرفي فيصلي کان پوءِ پارٽي وٽ وفاقي حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو به جواز ناهي. اسان کي فوري طور تي وفاقي حڪومت کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جلد ئي هن فيصلي تي پنهنجو رستو طئي ڪندي