اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر، وزيراعظم جي ايڊوائس تي نهال هاشمي جي گورنر طور مقرري جي منظوري ڏني آهي. صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي . حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سمري منظوري لاءِ صدر پاڪستان ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي. پڌرائي موجب، وزيراعظم نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني، ملاقات ۾ راڻا ثناءُ الله، اسحاق ڊار ۽ ٻيا به موجود هئا. ڪراچي سان واسطو رکندڙ نهال هاشمي گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان مسلم ليگ ن سان واڳيل آهي، هو 1997 کان 1999 تائين وزيراعظم نواز شريف جو قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار رهيو، 2012 ۾ هن ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن جي صدر طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ پوءِ آگسٽ 2014 ۾ کيس سنڌ ۾ مسلم ليگ ن چيپٽر جو جنرل سيڪريٽري بڻايو ويو. نهال هاشمي 2015 ۾ مسلم ليگ ن جي پنجاب واري سيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هاڻي کيس گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 2017 ۾ پاناما ڪيس بابت تڪراري بيان تي نهال هاشمي کي مسلم ليگ ن مان نيڪالي ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ 2021 ۾ سندس رڪنيت بحال ڪئي وئي هئي. ياد رهي ته هن وقت گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري آهي، جيڪو ايم ڪيو ايم پاڪستان سان سلهاڙيل آهي. سنڌ جي نامزد گورنر نهال هاشمي چيو آهي ته هو پنهنجي نامزدگي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ نواز شريف جو ٿورائتو آهي، جن مٿس اعتماد ڪيو. نامزد گورنر پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري جا به ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو سنڌ جي هر هڪ شخص ۽ سياسي ڪارڪنن جو شڪرگذار آهي. نهال هاشمي وڌيڪ چيو ته گورنر طور حلف کڻڻ کانپوءِ ئي پنهنجون ترجيحون طئي ڪندس. مان پنهنجا سمورا فرض ۽ ذميواريون ملڪي آئين جي دائري ۾ رهي نڀائيندس.