لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ۽ اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي انگلينڊ جي ”دي هَنڊريڊ ليگ“ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، شاهين آفريدي دي هنڊريڊ آڪشن کان هڪ ڏينهن اڳ هٿ کڻي ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم خلاف شيڊيول ٽيسٽ سيريز سبب فاسٽ بالر شاهين آفريدي دي هنڊريڊ تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.