ميچ فڪسنگ الزام، آءِ سي سي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر سميت 2 ٽيم عملدارن تي پابندي مڙهي ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ويسٽ انڊين رانديگر جيون سيئرلز، ٽيم آفيشلز چترانجن راٺوڙ ۽ ٽريون گرفٿ کي معطل ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ويسٽ انڊين رانديگر ۽ ٻن ٽيم عملدارن کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو آهي، کين باربيڊوس ۾ کيڏيل بِم ٽي 10 ليگ دوران ڪرپشن جي الزامن تي معطل ڪيو ويو.
آءِ سي سي موجب، ٽنهي ڄڻن تي ميچ فڪسنگ يا ان جي سازش، ڏوهه لاءِ ورغلائن ۽ جاچ دوران سهڪار نه ڪرڻ جا الزام آهن.
ان کانسواءِ ٽريون گرفٿ تي آءِ سي سي ڪوڊ جي ڀڃڪڙي بابت جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ جو به الزام لاڳو ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي موجب، ٽنهي ڄڻن جي هر قسم جي ڪرڪيٽ سرگرمين حصو وٺڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.