پوني (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا کي گرل فرينڊ سان ورلڊ ڪپ جي فتح جو جشن ملهائڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي فتح جو جشن هاردِڪ پانڊيا پنهنجي گرل فرينڊ مهيڪا شرما سان گڏ گرائونڊ ۾ ملهايو، پر هاڻ ڀارتي ڪرڪيٽر طرفان قومي جهنڊو ويڙهي گرل فرينڊ سان جشن ملهائڻ کي فحش عمل قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، واجد خان ايڊووڪيٽ پوني پوليس کي ڪرڪيٽر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.
واجد خان ايڊووڪيٽ هاردِڪ پانڊيا خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته هاردِڪ ترنگو( ڀارت جو قومي جهنڊو) پنهنجي پُٺيءَ تي ويڙهيو ۽ گرائونڊ ۾ فحش عمل ڪيو.
وڪيل استدعا ڪئي آهي ته پانڊيا خلاف قومي پرچم جي توهين ڪرڻ تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاردِڪ پانڊيا جو عمل لاڳاپيل قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ڪرڪيٽر جي اهڙي عمل سبب سندس خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، قومي پرچم جي وقار جو خيال رکڻ هر شهري جي ذميواري آهي.
واجد خان ايڊووڪيٽ چيو ته نيشنل فليگ ايڪٽ 1971 جي سيڪشن ٽو تحت قومي جهنڊي جي ساک برقرار رکڻ لازمي آهي، منهنجي درخواست قبول ڪئي وئي آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڪهڙي ڪارروائي ٿئي ٿي.
واضح رهي ته فائنل ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ جشن دوران هاردِڪ پانڊيا جي دوست مهِيڪا شرما به گرائونڊ ۾ موجود هئي.
” هي فحاشي آهي“پانڊيا کي گرل فرينڊ سان ورلڊ ڪپ جي فتح جو جشن ملهائڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، ڪيس داخل
You might also like