پاڪستان جو ڪو به ڪرڪيٽر ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي 2025ع جي ايوارڊ کٽيندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيو.
جڳ مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ” ڪرڪ انفو “ 2025ع جي ايوارڊ کٽيندڙ مرد ۽ عورت ڪرڪيٽرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي.
ايوارڊ ماڻيندڙن ۾ 8 ڀارتي، 3 آسٽريلوي ۽ 2 ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر شامل آهن، جڏهن ته بنگلاديش ۽ افغانستان جي هڪ هڪ ڪرڪيٽر به ايوارڊ کٽيو آهي.
2025ع ۾ آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ فاتح ڀارتي وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي پليئرز مختلف ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ حاصل ڪيا.
ٽيسٽ بيٽر جو ايوارڊ ايڊن مارڪرم ۽ ٽيسٽ بالر ايوارڊ مچل اسٽارڪ کٽيو.
ون ڊي بيٽر جو ايوارڊ افغانستان جي ابراهيم زدران جڏهن ته بهترين ون ڊي بالر ايوارڊ ڀارت جي ورون چڪرورتي ماڻيو.
سال جي بهترين ٽي ٽوئنٽي بيٽر جو ايوارڊ فل سالٽ ۽ بالر جو ايوارڊ ڪُلديپ ياديو کٽيو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ليگ بيٽر جو انعام مچل اوون ۽ سال جي بهترين ٽي ٽوئنٽي ليگ بالر جو ايوارڊ تسڪين احمد کي مليو.
ان کانسواءِ سال جي بهترين مينز ڪپتان جو اعزاز ٽيمبا باووما حاصل ڪيو، جڏهن ته وومينز ون ڊي بيٽر ايوارڊ جميمه روڊريگز ۽ ون ڊي بالر جو ايوارڊ ديپتي شرما کٽيو.
سال جي بهترين وومينز ٽي ٽوئنٽي بيٽر ايوارڊ سمرتي منڌانا ۽ بالر ايوارڊ شري چراني حاصل ڪيو.
وومينز ٽي ٽوئنٽي ليگ بيٽر جو ايوارڊ هرمن پريت ڪور ۽ بالر ايوارڊ ڪرنتي گود ماڻيو، جڏهن ته سال جي بهترين وومينز ڪپتان جو ايوارڊ به هرمن پريت ڪور ۽ ڊيبيو ايوارڊ شري چراني جي نالي رهيو.