اسرائيل کي وجود ۾ آڻڻ تي برطانوي حڪومت معافي وٺي\برطانوي پارليامينٽرين

لنڊن(ع آ نيوز) ڪيئي برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن اسرائيل جي قيام جي راهه هموار ڪرڻ تي برطانوي حڪومت کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي. وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 1916 جي بالفور معاهدي جا نتيجا اڄ سامهون اچي رهيا آهن، انهيءَ معاهدي سبب 1948 ۾ فلسطينين جو قتل عام ٿيو ۽ اسرائيل وجود ۾ آيو. خط تي 45 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز صحيحون ڪيون آهن. ياد رهي ته سلطنت عثمانيه جي شڪست کانپوءِ برطانيا 1948 تائين فلسطين تي حڪمراني ڪئي هئي.برطانيا جون مختلف حڪومتون ان دور جي رڪارڊ کي تسليم ڪرڻ ۽ معافي گهرڻ کان انڪار ڪنديون رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.