لنڊن ۾ فلسطين جي حق ۾ نڪرندڙ القدس مارچ تي پابندي

لنڊن (م ڊ) برطانيا جي گادي واري شهر  لنڊن ۾ فلسطين جي حمايت ۾ نڪرندڙ القدس مارچ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ، برطانيا جي گهرو وزير شبانا محمود القدس مارچ تي پابندي لڳائڻ لاءِ پوليس جي درخواست منظور ڪري ورتي، رپورٽ موجب پوليس چيو ته احتجاجي مظاهري دوران امن امان برقرار رکڻ جي ذميواري نڀائڻ مشڪل ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري مارچ تي پابندي لڳائڻ جي درخواست ڏني وئي هئي، گهرو وزير شبانا محمود جو چوڻ آهي ته القدس مارچ جي موقعي تي امڪاني بدامني کان بچڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته هر سال ٿيندڙ القدس مارچ کي ايران جي حمايت سان پڻ جوڙيو ويندو آهي، جڏهن ته مارچ جي منتظمين جو موقف آهي ته هي ريلي فلسطين جي حمايت ۾ ڪڍي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.