پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب شهرين جا روزانو سفري خرچ 20 سيڪڙو وڌي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پيٽرول مهانگو ٿيڻ سبب شهرين جو روزانو پيٽرول خرچن 15 کان 20 سيڪڙو تائين اضافو ٿي ويو، شهر ۾ آن لائن ٽرانسپورٽ سروس مهيا ڪندڙ ڊرائيورن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في ليٽر 55 رپيا اضافي کانپوءِ ڀاڙن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي موٽر سائيڪل استعمال ڪندڙ شهرين جا روزانو پيٽرول خرچ به 15 کان 20 سيڪڙو وڌي ويا، شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽرول ته مهانگو ٿي ويو آهي پر پگهارن ۾ واڌ نه ٿي آهي، آن لائن موٽر سائيڪل ڊرائيور ريحان نعيم ٻڌايو ته هو محمود آباد جو رهواسي آهي ۽ ڪرائي جي گهر ۾ پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ رهندو آهي، اڳ هو هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو جتي کيس 22 هزار رپيا پگهار ملندي هئي، جنهن ۾ گذارو مشڪل ٿي ويو هو، تنهنڪري هاڻي آن لائن بائيڪ سروس مهيا ڪري رهيو آهي، هن ٻڌايو ته پيٽرول ۾ 55 رپيا اضافي کانپوءِ ٽرانسپورٽ سروس جي ڀاڙن ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي، گهٽ فاصلي جي ڀاڙي ۾ 50 رپيا، وچولي فاصلي ۾ 80 رپيا ۽ ڊگهي فاصلي ۾ 100 کان 120 رپيا تائين اضافو ٿيو آهي، ڀاڙن ۾ اضافي سبب هاڻي ڪيترائي ماڻهو پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن، بائيڪ سروس فراهم ڪندڙ عمير خان ٻڌايو ته هو صبح جو هڪ دڪان تي سيلز مين طور ڪم ڪندو آهي جتي کيس 25 هزار رپيا پگهار ملي ٿي، جيڪا گذاري لاءِ ڪافي نه آهي، تنهنڪري هو پارٽ ٽائيم موٽر سائيڪل ذريعي ٽرانسپورٽ سروس به مهيا ڪندو آهي، گهٽ فاصلي جو ڀاڙو 150 رپيا ۽ ڊگهي فاصلي جو ڀاڙو 400 رپين تائين هوندو آهي، پيٽرول خرچ وڌڻ بعد ڀاڙن ۾ 70 کان 150 رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي، هڪ خانگي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازم وقاص عباسي ٻڌايو ته هو ڪريم آباد ۾ رهندو آهي ۽ ٽاور ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندو آهي، اچ وڃ لاءِ آن لائن ٽرانسپورٽ استعمال ڪندو آهي، اڳ ٻنهي طرفن جي ڀاڙي تي لڳ ڀڳ 600 رپيا خرچ ٿيندا هئا، پر هاڻي اهو خرچ وڌي 800 کان 900 رپين تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب هاڻي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.