ايران ـ اسرائيل جنگ ۽ پاڪستان جون ڏکيائون

تحرير: ڊاڪٽر محمد سليم شيخ

هن سال جي شروعات کان ئي عالمي سياست تي آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جارحاڻن ارادن يورپ ۽ ايشيا جي گهڻن ملڪن جي معيشت ۽ سياست تي تيزي سان اثر وجھڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. ڌونس ۽ دٻاءَ تي ٻڌل سندس پاليسيون انهن ملڪن جي داخلي خودمختياري، اقتدارِ اعلىٰ ۽ سياسي نظام لاءِ خطرو بڻجي رهيون هيون. هڪ پاسي هو امن جو نوبل انعام حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هئا ته ٻئي پاسي غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ هو اسرائيل سان گڏ بيٺل رهيا، ۽ هاڻي ايران سندن نشاني تي آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ ۽ بنيامين نيتن ياھو جو هي گڏيل اتحاد عالمي سياست ۾ اخلاقيات، انساني حقن ۽ گڏيل بقا جي اصولن بدران طاقت جي ننگي استعمال کي ئي بنيادي اصول بڻائي رهيو آهي، جيڪو دنيا جي ملڪن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته روس ۽ چين به هن جارحاڻي روش تي مصلحت آميز خاموشي اختيار ڪري ويٺا آهن. يورپ جا اثرائتا ملڪ فرانس، جرمني ۽ اٽلي به عالمي قانونن کي مذاق بڻجندي ڏسي رهيا آهن پر خاموش آهن، جڏهن ته برطانيا ته گهڻي عرصي کان آمريڪا جي تابعدار رياست بڻيل آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان طاقت جو هي مظاهرو دنيا جي ملڪن لاءِ ڳڻتي جو سبب ٿيڻ گهرجي، پر حقيقت اها آهي ته عالمي سطح تي اهڙو ڪو وڏو ردعمل نظر نٿو اچي. هڪ هفتي کان جاري ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي علائقي کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جا اثر عالمي سياست ۾ وڏيون تبديليون آڻي سگهن ٿا.

ايران جواب ۾ سعودي عرب ۽ ٻين خليجي رياستن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي. ان سان جنگ هاڻي رڳو ايران ۽ اسرائيل تائين محدود نه رهي، پر خليجي علائقي تائين پکڙجي وئي آهي. خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏا، جيڪي ايران تي حملن ۾ مددگار هئا، ايران جي نشاني تي اچي ويا. هن صورتحال جا ٻه اهم نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پهريون ته ايران، سعودي عرب ۽ ٻين خليجي رياستن جي وچ ۾ اڳ ۾ موجود سياسي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ هاڻي کليل ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي. ٻيو ته سعودي عرب ۽ خليجي رياستن جو اهو خيال ته آمريڪي فوجي اڏا سندن سلامتي جي ضمانت آهن، اهو تصور به ڪمزور ٿي ويو آهي.

انهن نتيجن سان خطي جي سياسي ۽ جغرافيائي حڪمت عملي ۾ بنيادي تبديليون اچي سگهن ٿيون. خاص طور جيڪڏهن ايران آبنائي هرمز کي بند ڪرڻ جهڙو قدم کڻي ٿو ته ان جا اثر عالمي سياست ۽ معيشت تي به پوندا. جيڪڏهن اها صورتحال ڊگهي ٿي وڃي ته جنگ وڌيڪ شديد ٿيندي، ان جو دائرو وڌندو، عالمي معيشت ۽ واپار متاثر ٿيندا ۽ عالمي سياست ۾ نيون صف بنديون پيدا ٿينديون. هن سڄي صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ اندروني ۽ خارجي سطح تي وڏيون مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان جي جغرافيائي حيثيت، ڪمزور معيشت، اندروني سلامتي جا مسئلا ۽ حڪومت جي ڪمزور سياسي پوزيشن هن بحران کي وڌيڪ پيچيده بڻائي سگهن ٿا.

جيڪڏهن جنگ ڊگهي ٿي وڃي ۽ ان جو دائرو وڌي وڃي ته پاڪستان لاءِ حالتون وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ موجوده سياسي ۽ فوجي قيادت کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي، پر ان تي مڪمل ڀروسو ڪرڻ عقلمندي نه هوندي، ڇو ته آمريڪي حمايت گهڻو ڪري عارضي مفادن تي ٻڌل هوندي آهي. ايران پاڪستان جو اولهه وارو پاڙيسري ملڪ آهي. جيڪڏهن ايران طرفان سعودي عرب تي ڪا وڏي فوجي ڪارروائي ٿئي ٿي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ موجود دفاعي معاهدي سبب پاڪستان لاءِ به ڏکيو فيصلو پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ⁠تہ هڪ ملڪ تي حملو ٻئي تي حملو سمجهيو وڃي ٿو.

پاڪستان اڳ ئي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ رياست مخالف سرگرمين کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهن سرگرمين ۾ افغانستان جي حمايت به هڪ حقيقت سمجهي وڃي ٿي. افغان طالبان حڪومت ان معاملي تي سنجيده قدم نه کنيا، جنهن سبب پاڪستاني فوج کي تحريڪ طالبان پاڪستان جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻي پئي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن پاڪستان کي سعودي عرب جي حمايت ڪرڻي پئي ته پوءِ اولهه ۾ ايران ۽ افغانستان سان تڪرار ۽ اوڀر ۾ ڀارت جي موجودگي پاڪستان لاءِ وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي.

جيڪڏهن خليجي علائقي ۾ جنگي حالتون جاري رهن ٿيون ته تيل ۽ گيس جي درآمد سان گڏ اتي ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي موڪليل رقم تي به اثر پئجي سگهي ٿو. پاڪستان اڳ ئي متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب جو قرضدار آهي، ۽ قرض جي ادائيگي جي مهلت وڌائڻ لاءِ بار بار درخواستون ڪرڻيون پون ٿيون. اندروني سلامتي ۽ معاشي بحران جي هن صورتحال ۾ پاڪستاني حڪومت تي وڏو دٻاءُ آهي ته هو صحيح فيصلو ڪري. ٿوري به غلطي ملڪ جي سلامتي تي سڌو اثر وجهي سگهي ٿي.اهڙي حالت ۾ ضروري آهي ته حڪومت اهم فيصلن لاءِ پارليامينٽ سان صلاح ڪري، سياسي ڇڪتاڻ گهٽائي ۽ سياسي ٽڪراءَ کان پاسو ڪري. جرئت ڀريا فيصلا ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ مضبوط سياسي استحڪام ۽ مضبوط معيشت هجڻ ضروري آهي، پر موجوده حڪومت وٽ اهي ٻئي بنياد ڪمزور آهن. تنهن ڪري درست فيصلن لاءِ حڪومت کي انهن معاملن تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. باقي سڀ ڪجهه الله جي مرضي تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.