وچ اوڀر جي صورتحال ڪرڪيٽ کي متاثر ڪرڻ لڳي، افغانستان ۽ سريلنڪا جي سيريز ملتوي

دبئي(ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال سبب افغانستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ شيڊيول وائيٽ بال ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ڪئي وئي آهي.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سريلنڪا سان وائيٽ بال سيريز جي ميزباني يو اي اي ۾ ڪرڻي هئي، پر هاڻي افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سيريز کي ٻيهر شيڊيول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اي سي بي موجب، سريلنڪا سان وائيٽ بال سيريز 13 کان 25 مارچ تائين يو اي اي ۾ رٿيل هئي، پر هاڻي اِها سيريز هلندڙ سال جي آخر تائين ري شيڊيول ڪئي وئي آهي.
اي سي بي جو چوڻ آهي ته علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاجسٽڪ مسئلن سبب سيريز کي ري شيڊيول ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 13، 15 ۽ 17 مارچ تي شارجا اسٽيڊيم ۾ ٿيڻي هئي، جڏهن ته 3 هڪ ڏينهن واريون ميچون 20، 22 ۽ 25 مارچ تي دبئي ۾ شيڊيول هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.