ٽرمپ جو آمريڪا ۾ نئين آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جو اعلان، پئسو ڀارتي ارب پتي مڪيش امباڻي لڳائيندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو نئين آئل ريفائنري قائم ڪئي ويندي، جنهن لاءِ سيڙپڪاري ڀارتي ارب پتي مڪيش امباڻي جي ڪمپني ريلائنس انڊسٽريز ڪندي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته هي 300 ارب ڊالرن جو تاريخي معاهدو آمريڪا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڊيل آهي.
صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪي رياست ٽيڪساس جي بندرگاهه برائونز وِل ۾ هي نئين ريفائنري آمريڪا جي معيشت ۽ قومي سلامتي کي مضبوط ڪندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اِها ريفائنري آمريڪي شيل آئل کي پروسيس ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي پئي وڃي ۽ ان کي آمريڪا فرسٽ ريفائننگ ڪمپني قائم ڪري رهي آهي.
آمريڪا فرسٽ ريفائننگ ريلائنس انڊسٽريز جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو آهي ته ان سان آمريڪي شيل آئل جي خريداري، پروسيسنگ ۽ ورڇ لاءِ 20 سالن جو معاهدو ٿيو آهي.
هي ريفائنري آمريڪا جي اٽڪل هڪ ڏهائي ٻه ارب بيرل لائيٽ شيل آئل کي پروسيس ڪندي، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 125 ارب ڊالر آهي ۽ ان مان تيار ٿيندڙ شين جو مقدار 50 ارب گيلن هوندو، جنهن جي مجموعي ماليت اٽڪل 175 ارب ڊالر ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.