حيدرآباد (رپورٽر) اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد جي ٽيم هيرآباد ۾ واقع گورنمينٽ ميران اسڪول ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي سينيئر ڪلرڪ سلمان ميمڻ ۽ نائب قاصد نور محمد کي رشوت وٺندي گرفتار ڪري ورتو آهي. اها ڪارروائي انسپيڪٽر محمد نصير مجسٽريٽ جي نگراني ۾ هڪ رٽائرڊ ماسترياڻي سحر بانو جي شڪايت تي ڪئي. شڪايت ڪندڙ موجب، ڪلرڪ سندس پينشن ۽ گريجوئٽي جي ڪاغذن جي ڪليئرنس لاءِ هينئر تائين مختلف وقتن تي 8 لک 80 هزار رپيا رشوت طور وصول ڪري چڪو هو. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب، جوابدار وڌيڪ ساڍا چار لک رپين جو چيڪ بطور ايڊوانس ورتو هو ۽ رقم نه ڏيڻ تي ٽيچر کي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. حڪمت عملي تحت جڏهن سحر بانو 30 هزار رپيا ڪلرڪ کي ڏنا ته پوليس کين سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن وٽان 30 هزار روپيا ۽ ساڍا چار لک جو چيڪ هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.