ٽرمپ پاران جلد ايران جنگ ختم ٿيڻ جو اشارو، جنگ بندي جي خواهش ناهي: ايران

واشنگٽن/تهران/ماسڪو (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان جاري جنگ تمام جلد پڄاڻي تي پهچي سگهي ٿي. روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته روس هن تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا جنگ ڏينهن يا هفتن ۾ ختم ٿيندي، ته هن چيو، مونکي لڳي ٿو ته تمام جلد ختم ٿيندي. ٻئي طرف ڪيملن موجب، صدر پيوٽن ٽرمپ کي ايران تڪرار جي سياسي حل لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون آهن ۽ ان حوالي سان ايراني صدر توڙي نار وارن ملڪن جي اڳواڻن سان ٿيل رابطن کان به آگاهه ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جنگ ۽ وينزويلا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي موجب، چين، روس ۽ فرانس سميت ڪيترن ئي ملڪن جنگ بندي جي سلسلي ۾ رابطو ڪيو آهي. ايران انهن ملڪن کي واضح ڪريڇڏيو آهي ته ڪنهن به جنگ بندي لاءِ پهرين ۽ سڀ کان وڏو شرط اهو آهي ته ايران خلاف جارحيت کي روڪيو وڃي ۽ ان کي ٻيهر نه ورجائڻ جي پڪي ضمانت ڏني وڃي.  آمريڪا سان ٻيهر ڳالهين جو امڪان رد ڪندي چيو آهي ته واشنگٽن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه هاڻي ايجنڊا تي ناهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ماضيءَ ۾ آمريڪا پاران حملو نه ڪرڻ جي خاطري ڏيارڻ باوجود حملو ڪيو ويو، جنهن ڪري هاڻي مٿس ويساهه ممڪن ناهي. هن چيو ته دشمن اسان جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام کي نشانو بڻايو پر ان کي تباهه ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ۽ ايران ضرورت پوڻ تي پنهنجن ميزائلن سان وڌيڪ جوابي ڪارروائيءَ لاءِ مڪمل تيار آهي. ٻئي طرف، ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالي باف ايڪس تي سخت ردعمل ۾ چيو آهي ته ايران جنگ بندي جي حق ۾ ناهي، پر هو چاهي ٿو ته دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو وڃي جو هو ٻيهر ايران تي حملي جي جرئت نه ڪري. هوڏانهن ايراني حڪومت جي ترجمان فاطما مهاجراني جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ٽياڪڙي لاءِ ضروري آهي ته مستقبل ۾ حملن جي روڪٿام جي پڪي ضمانت ڏني وڃي. ان دوران ايراني پاسدارن انقلاب عراق جي شهر اربيل ۾ آمريڪي فوجي اڏي ”حرير ايئربيس“ تي 5 ميزائل هڻڻ جي پڻ تصديق ڪئي آهي. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلوريڊا ۾ هڪ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايران خلاف جنگ پڄاڻي جي ويجهو آهي ۽ آمريڪا ايران جي فوجي طاقت کي وقت کان اڳ ئي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ چيو ته هينئر تائين ايران جي اندر 5000 کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ايران جي نئين قيادت کي به ختم ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته زميني فوج موڪلڻ جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو، پر آمريڪا دشمن جو تعاقب جاري رکندو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ايران وٽ ايٽم بم اچي ها ته صورتحال خطرناڪ ٿي وڃي ها، پر اسان سندن ڊرون ٺاهڻ جي صلاحيت ۽ بحري ٻيڙن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته تيل جي قيمتن کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه پابنديون نرم ڪيون پيون وڃن، پر جيڪڏهن ايران تيل جي فراهمي واري رستي (هرمز جي پٽي) سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿس اهڙي تباهي مڙهي ويندي جنهن مان هو ڪڏهن به نڪري نه سگهندو. هن ايران کي عالمي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا ڪنهن جي به ڌمڪي کان ناهي ڊڄندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.