ڳجهن فنڊن جي استعمال تي سنگين سوال اٿي ويا

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس شاهده گل جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات واري وزارت 10 ڪروڙ 14 لک رپين جي خفيه خرچن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.آڊٽ رپورٽ ۾ خفيه فنڊن جي استعمال بابت سنجيده سوال اٿاريا ويا، جڏهن ته آڊٽ اعتراض ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي باوجود خفيه خرچن جو رڪارڊ آڊيٽر جنرل کي فراهم نه ڪيو ويو، ۽ اطلاعات واري وزارت جي خفيه فنڊن کي آڊٽ کان ٻاهر رکڻ غير آئيني عمل آهي.اجلاس دوران بلال مندوخيل چيو ته ڪنهن به شيءِ جو رڪارڊ موجود ناهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ ڪميٽي رٽائرڊ سيڪريٽري اطلاعات کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ آڊيٽر جنرل کي سڀني سرڪاري رڪارڊن تائين رسائي ڏيڻ بابت آئيني هدايت به ياد ڏياري.آڊٽ اعتراض ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته هڪ خانگي اشتهاري ڪمپني کي بينظير جي نالي تي پيپلز پارٽي لاءِ 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ادائيگي ڪئي وئي. ان تي بلال مندوخيلسوال ڪيو ته ڇا اهو گانو هِٽ به ٿيو ۽ هليو به؟ جنهن تي سيڪريٽري اطلاعات چيو ته هن کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.