خيرپور/ٻٻرلوءِ (عوامي آواز رپورٽ) خيرپور جي اڪانامڪ زون واري حد ۾ پوليس مقابلي دوران ٻن نوجوانن ارشاد ميراڻي ۽ نور محمد (عابد) بروهي جي مارجي وڃڻ وارو واقعو تڪراري بڻجي ويو آهي. وارثن ۽ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻٻرلوءِ پوليس نوجوانن کي ميڊيا جي موجودگي ۾ جيئرو ۽ بغير هٿيارن جي گرفتار ڪيو هو، پر ڪجهه ڪلاڪن بعد کين هڪ ٻئي ٿاڻي جي حد ۾ کڻي وڃي مقابلي جو ڊرامو رچائي قتل ڪيو ويو. سوشل ميڊيا تي پيغامن ۾ ماڻهن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اهي نوجوان ڏوهاري هئا ته کين عدالت ۾ پيش ڪري قانون موجب سزا ڏياري وڃي ها، پر بيوسيءَ جي حالت ۾ کين گوليون هڻڻ پوليس جي غير پيشيوراڻي رويي ۽ قانون جي بي حرمتيءَ جو ثبوت آهي. شهيد نور محمد بروهي جي وارثن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان اپيل ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. سماجي اڳواڻن خوشبو خالد حسين ۽ نعمت کهڙو، علي گل بروهي سميت ڪيترن ئي سماجي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پوليس کي ڊيٿ اسڪواڊ بڻجڻ کان روڪيو وڃي ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن.