ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بدامني جو راڄ، جمشيد ڪوارٽر، ڪشمير روڊ تي ڦر دوران مزاحمت تي شهري قتل ٿي ويو، مقتول صلاح الدين فيشن ڊزائنر ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ هو، صلاح الدين غير شادي شده هو ۽ ست ڀائرن ۽ ڀينرن مان سڀ کان ننڍو هو، هو مارٽن ڪوارٽر جو رهواسي هو، مقتول جي وارثن موجب صلاح الدين گذريل رات ڪشمير روڊ تي قائم جم کان واپس گهر آيو پئي هو، جتي موٽر سائيڪل سوار جوابدارن موبائل کسڻ ۽ موٽر سائيڪل تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش دوران فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.