ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) نامياري اديب، دانشور ۽ ليکڪ نصير ميمڻ وزيراعظم طرفان ڪابينا ميمبرن جي ٻن مهينن جي پگهار نه وٺڻ واري اعلان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪابينا ميمبر ٻن مهينن جي پگهار نه کڻندا، هنن کي پگهارون کڻڻ ڏيو، ان کان سواءِ جيڪو ڪجهه کڻن ٿا اهو روڪرايو، هڪ ٻي پوسٽ رکندي نصير ميمڻ چيو ته موسمن کي سرحدون ناهن هونديون، ٻه ڏهاڙا اڳ ايران ۾ تيل جي مختلف ذخيرن تي بم اڇليا ويا جنهن کان پوءِ اتي ميلن تائين گهاٽي ڪاري دونهين جا ڪڪر ڇانئجي ويا، ان کان ستت پوءِ وسيل مينهن ۾ تيل جا ڪيميڪل جزا شامل ٿي ويا ۽ لکين ماڻهن جي ساهه ۾ اها ماحولياتي گدلاڻ شامل ٿي وئي جيڪا انساني صحت لاءِ نهايت هاڃيڪار آهي، موسميات کاتي پڌرو ڪيو آهي ته پاڪستان جي الهندن علائقن ۾ مينهن وسڻ جو امڪان آهي ۽ ايران پاسي کان تيل جي ذخيرن جي پکڙيل فضائي گدلاڻ ان مينهن سان گڏ اسان جي زمين تائين پهچندي، ماحولياتي سائنس ۾ گدلاڻ گاڏڙ مينهن کي تيزابي مينهن سڏيو ويندو آهي جيڪو انساني صحت لاءِ نهايت هاڃيڪار هوندو آهي.