وچ اوڀر جي جنگ ڪراچي جي اهميت وڌائي ڇڏي،ترقي ۾ خراب حڪمراني رنڊڪ؟

ڪراچي(تيمور علي سيد)ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اقتصادي ۽ حڪمت عملي وارو شهر آهي، جيڪو ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار(جي ڊي پي)جو تقريباً 20–25 سيڪڙو مهيا ڪري ٿو،رسمي معيشت جي قيمت 2021 ۾ 190 ارب ڊالر هئي،ٽيڪس آمدني جو 35 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو،وڏين بندرگاهن ذريعي ملڪ جو 60–70 سيڪڙو واپار کي سنڀالي ٿو ۽ سڄي ڏکڻ ايشيا لاءِ هڪ اهم گيٽ وي جو ڪم ڪري ٿو.وچ اوڀر ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار ۽  آبنائي هرمز جي بندش عالمي تجارت تي خطر وڌائي رهي آهي. هرمز ذريعي دنيا جي 20 سيڪڙو تيل ۽ قدرتيگئس گذرندي آهي، ۽ تڪرارن سبب تيل جي قيمتن ۾ 13 سيڪڙو واڌ ۽ بحري نقل و حمل ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي.ان صورتحال ۾ ڪراچي هڪ متبادل ميگا سٽي طور سامهون اچي سگهي ٿو، ڇو ته هندي سمنڊ تي ان جي حڪمت عملي واري پوزيشن آهي،چائنا پاڪستان اڪانامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) ذريعي علائقائي واپار لاءِ محفوظ رستو مهيا ڪري ٿي،۽ پاڪستان کي وچ اوڀر جي عدم استحڪام مان فائدو وٺڻ جو موقعو ملي ٿو،ڪراچي ۾ گهڻا چيلينجز ۽ مسئلا به آهن،20 ملين کان وڌيڪ آبادي کي روزانو 1,100 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي، پر صرف 650 ملين گيلن موجود آهي، جنهن جو 42 سيڪڙو ورڇ دوران ضايع ٿي وڃي ٿو، شهر ۾ متنوع ۽ ماهر آبادي آهي، پر بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب مڪمل طور استعمال نه ٿي رهي. مثال طور، پاڻي جي کوٽ سبب روزانو 4–6 ڪلاڪ صرف پاڻي جي ڳولا ۾ وڃن ٿا، جيڪو خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن جي تعليم ۽ روزگار تي اثرانداز ٿئي ٿو.سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي 17 سالن کان جاري  حڪومت ڪراچي جي ترقي ۾ ناڪام رهي آهي،پاڻي، نيڪاسي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ بدانتظامي واضح آهي جنهن جو واضح مثال چوماسي برساتن ۾  شاهراهه ڀٽو ۽ حب ڪينال جي تباهي، پاڻي جي لائينن جي بار بار خرابي آهن،ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ناڪامي سبب 470 ملين گيلن گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇڏيو پيو وڃي، جڏهن ته صرف 55 ملين گيلن صاف ڪيو وڃي ٿو،جڏهن ته ڪراچي جي حڪمت عملي ۽ اقتصادي اهميت کي تسليم ڪندي فوري سڌارا ضروري آهن.شهر کي پاڪستان جي اقتصادي ترقي جو انجڻ بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ لازمي آهي، نه ته ملڪ کي  وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۾ متبادل اقتصادي مرڪز بڻجڻ جو موقعو ضايع ٿي سگهي ٿو.

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ڪراچي جي اهم بندرگاهه جيڪا پاڪستان جي 60 سيڪڙو ڪارگو هينڊل ڪري ٿي،معتدل موسم نيوڪليئر سهولتون،آبنائي هرمز جي ويجهو جغرافيائي جاءِ، جيڪا علائقائي ڇڪتاڻ جي دوران اهميت رکي ٿي،هن اڳڪٿي ڪئي ته 31 ڊسمبر 2026 تائين گهٽ ۾ گهٽ 25  ارب ڊالر  سرمايو ڪراچي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ۽ پاڪستانين کي سفارش ڪئي ته هو دبئي بدران مقامي سيڙپڪاري ڪن ،هن چيو ته ڪراچي علائقائي ماڻهن لاءِ مستقبل جي سيڙپڪاري لاءِ سڀ کان محفوظ، قيمتي ۽ اهم شهر آهي. ان جو ماحول، بندرگاهه، هرمز جي تنگي جي مٿاهون جڳهه، نيوڪليئر پاور، روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل عوام، ۽ وڌڻ جي گنجائش. 365 ڏينهن، 24 ڪلاڪ کليل فضائي جڳهه موجود آهي. مان اميد رکان ٿو ته 31 ڊسمبر تائين گهٽ ۾ گهٽ 25 بلين ڊالر سيڙپڪاري اچي ويندي،هن چيو ته دبئي، سنگاپور، بنگلاديش، ڪينيڊا وغيره کي وساريو. پنهنجي ملڪ ۾ رهو، ان کي ترقي ڏيو ۽ خوشحالي حاصل ڪريو. هاڻي مستقبل اسان جي هٿن ۾ آهي. اسان ئي واحد قابلِ عمل معيشت آهي جيڪا ٻاهرين مدد کان بغير پاڻ کي بچائي سگهي ٿي ٻئي پاسي سندس بيان تي تنقيد به هلي رهي آهي،ناقدن جو چوڻ آهي ته اها اڳڪٿي  سڌارن کانسواءِ غير حقيقي آهي ،2025 ۾ ڪراچي ۾ 64,000 کان وڌيڪ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون ٿيون،انفراسٽرڪچر تباهه لڳو پيو آهي،خراب حڪمراني آهي،ڪراچي ۾ سيڙپڪاري جا امڪان موجود آهن، پر حفاظتي، انتظامي ۽ اقتصادي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ کانسواءِ اهو پيشگوئي عملي نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.