وياج شرح 10.5 سيڪڙو برقرار، مهانگائي جا خدشا موجود آهن: اسٽيٽ بينڪ

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح کي 10.5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بئنڪ موجب، گذريل سال جي مقابلي ۾ وياج جي شرح ۾ واکاڻ جوڳي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پر عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب مهانگائي جو دٻاءُ اڃا تائين برقرار آهي. ٻي طرف، وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر موجب، مالي سال 2026 ۾ ملڪي معيشت ۾ بهتري جي اميد آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف پاران مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ محتاط مالي پاليسي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.