روزاني عوامي آواز ۾ ڪالهه ان عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو هو ته ” هر ڀيري عوام تي بار ڇو، اشرافيه جون عياشيون به گهٽايو“ اهو رڳو اسان نه ٿا چئون پر سواءِ حڪمرانن جي سڀ پارلياماني، سياسي، مذهبي، قومپرست جماعتون ۽ انهن جا اڳواڻ چون ٿا. جيڪڏهن اڄ جا حڪمران اپوزيشن ۾ هجن ها ته يقينن سندن به پوءِ اهو ئي موقف هجي ها.
سوال اهو به آهي ته آخر ايئن ڇو هوندو آهي ته جڏهن حڪمران جماعتون اپوزيشن ۾ هونديون آهن ته عوام جي جذبن جي ترجماني ڪنديون آهن پر جڏهن حڪومت حڪومت ۾ هونديون آهن ته عوام سندن ترجيح ناهي رهندو. اسان سمجهون ٿا ته اهو اقتدار جو نشو تڏهن لهندو آهي جڏهن اهي حڪمران اقتدار جي مسند تان لهي ويندا آهن. پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ جڏهن مسلم ليگ (ن) اپوزيشن ۾ هئي ته تڏهن انهن جا بيان پڙهو۽ ٻڌو ته پيٽرول جا اگهه وڌندا هيا ته اهي ڇا چوندا هيا ۽ هاڻي اقتدار ۾ آهن ته ڇا ٿا چون. اها صورتحال صرف اڄ جي حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سان ئي لاڳو ناهي پر جيڪا به سياسي جماعت اقتدار ۾ ايندي آهي ته ان جي ٻولي ئي ٻي ٿي ويندي آهي پوءِ اها پ پ هجي يا پي ٽي آءِ هجي. سو پنهنجو ته خيال اهو ئي آهي ته هر حڪومت جيڪر اپوزيشن جماعت جو روح اوتي حڪومت ڪري ۽ پنهنجو هر فيصلو اهو سوچي ڪري ته جيڪڏهن اها مخالف ڌر ۾ هجي ها ته هن فيصلي کي ڪيئن ڏسي ها.
هاڻي ڏسون ٿا ته اڄ جي مخالف ڌر جا اڳواڻ تيل جو ذخيرو هئڻ باوجود پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 55 رپين جي واڌ واري ظالماڻي فيصلي کي ڪيئن ٿا ڏسن. سنڌ جي اڳوڻي وزير محمد زبير چيو آهي ته تيل اگهن ۾ واڌ رات پيٽ ۾ ارب پتين کي کرب پتي بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان حڪومتي موقف کي رد ڪريون ٿا. حڪومت وٽ اهڙو ڪو مضبوط موقف يا جواز ناهي جنهن جي بنياد تي پيٽروليم ۾ عوام قرباني ڏئي رهيو آهي. جڏهن عوام کي رليف ڏيڻ جو وقت ايندو آهي ته چيو ويندو آهي ته حڪومت غريب آهي ته پوءِ رات پيٽ ۾ ڪيئن کرب پتي بڻجي وڃن ٿا؟ پي ٽي آءِ جي ترجمان جو موقف آهي ته حڪومت پيٽروليم ليوي کي 105 رپين جي رڪارڊ سطح کان به مٿي وڌائي غريب عوام تي وڌيڪ بار وڌو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي حڪمران طبقو عياشين ۾ مصروف آهي، پنجاب حڪومت طرفان 11 ارب رپين جي لگزري جيٽ جهاز جي خريداري ۽ وي آءِ پي پروٽوڪول تي اربين روپين جا خرچ ڪري رهي آهي
جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصر الله چنا چيو آهي ته جنگ جو بهانو بڻائي اسمن جي اگهن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. جيڪو عمل عوام دشمن حڪمراني جي نشاني آهي. هن چيو ته هن وقت حڪومت هڪ ليٽر پيٽرول تي ليوي سميت 120 روپيا ٽيڪس اوڳاڙي رهي آهي جيڪا عوام سان ناانصافي آهي. جڏهن ته عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽجن ٿيون ته ان جو فائدو عوام کي نه ٿو ڏنو وڃي ٻئي پاسي اڃان پيٽرول به خريد نه ڪيو ويو آهي ۽ قيمتون وڌايون ويون آهن. هن وقت پاڪستان پيٽرول قيمتن ۾ ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش کان به اڳتي نڪري ويو آهي يعني ڏکڻ ايشيا ۾ پيٽرول جو اگهه سڀ کان وڌيڪ پاڪستان ڪيو آهي.
ملڪ جي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته سياستدانن، ججن، جنرلن، سرمائيندارن ۽ ڪامورن پنهنجيون مراعاتون نه گهٽايون ته کين جهازن ۾ ڀڄڻو پوندو. حڪمران پنهنجيون مراعتون برقرار رکيون ته سماج ۾ بي چيني وڌي ويندي. هنن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم هر ٻئي ڏينهن ٻاهرين ملڪ دورن تي آهن جنهن سان به مالي بجيٽ وڌي وڃي ٿي ۽ اهي پيسا ٽِيڪس وڌائي عوام کان وصول ڪيا وڃن ٿا. ڪن تجزئي نگارن اهو به سوال اٿاريو آهي ته ڇا حڪومت وٽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪو ٻيو متبادل رستو نه هو؟ حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن سنجيده ۽ عوام دوست پاليسيون اختيار ڪيون وڃن ها ته ڪيترائي متبادل طريقا موجود هيا، جن سان عوام کي رليف ملي سگهي ها. مثال طور حڪومتي وزيرن، عهديدارن ۽ بيورو ڪريسي جي شاهاڻين مراعاتن کي ختم ڪرڻ، پاڪستان ۾ هزارين سرڪاري آفيسرن ۽ عهديدارن کي مفت پيٽرول، سرڪاري گاڏيون ۽ بي شمار سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون جيڪي قومي خزاني تي اربين روپين جو بار وجهن ٿيون.
عوام کي ڏکئي وقت ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙو رليف ڏئي سگهجي ٿو، اهو سوچڻ حڪومتن ۽ حڪمرانن جو آهي. ان جو هڪ ننڍو مثال خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريديءَ پيش به ڪري ڏيکاريو آهي جنهن پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سان پنهنجي صوبي جي موٽر سائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي صوبي جي موٽر سائيڪل سوارن کي 2200 رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته هن وقت لڳ ڀڳ 14 کان 16 لک موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ آهن ۽ هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل استعمال ڪندڙ کي 2200 رپيا ڏنا ويندا ته جيئن عوام کي سفر خرچن ۾ رليف ملي سگهي.
اسان جو به اهو ئي موقف آهي ته حڪومت کي پيٽروليم جا رڪارڊ اگهه وڌائڻ بدران حڪمرانن، وزيرن ۽ ڪامورن جون پنهنجيون عياشيون گهٽائي ها ۽ سادگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ها ۽ عوام کي ٻڌائي ها ته حڪومت عوام کان هر هر قرباني وٺڻ بدران هيل پاڻ قرباني ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ فضول خرچ به گهٽايا آهن. ڪاش وفاقي حڪومت اهڙو وڙ ڏيکاري سگهي ها ۽ ڏکئي وقت ۾ حڪومت کي عوام لاءِ سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها. جيئن ٻوڏن يا آفتن ۾ به ته هنگامي بنيادن کي روڪڻ مالي رليف ڏبو آهي تيئن پيٽروليم جي واڌ کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي ڪا خاص سبسڊي ڏيڻ گهرجي ها جيڪا هاڻي به ڏئي سگهجي ٿي
پر هاڻي سوشل ميڊيا تي عوامي دٻاءُ کي ڏسندي لڳي ٿو ته حڪمرانن کي پنهنجا شاهي خرچ گهٽائڻا پوندا. جئين پنجاب حڪومت ان ڏس ۾ ڪجهه اعلان ڪيا آهن ۽ وزيراعظم شهباز شريف به ڪالهه قوم کي خطاب کي خطاب ڪندي ڪفايت شعاري جي پاليسي جو اعلان ڪيو آهي پر انهن شاهي خرچن کي گهٽائڻ وري فيصلي سان جيڪڏهن عوام کي سڌو سنئون رليف نٿو ملي، پيٽروليم جا اگهه نه ٿا گهٽجن پوءِ ڪفايت شعاري جو ڪو فائدو ناهي.