دل تي پٿر رکي تيل اگهن ۾ واڌ ڪئي، ڪابينا ميمبر ٻه مهينا پگهار نه وٺندا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايراني سپريم ليڊر ۽ سندس گهر ڀاتين جي شهادت تي پاڪستان گهري ڏک جو اظهار ڪري ٿو، ايران تي ٿيندڙ اسرائيلي حملن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا.
قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي عرب، ڪويت، قطر، بحرين ۽ ٻين ملڪن تي حملن جي به مذمت ڪيون ٿا، نار ملڪن تي حملن سان خطي جي امن کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن، پاڪستان آزمائش جي ان گهڙي ۾ انهن ملڪن سان گڏ بيٺو آهي ۽ انهن جي سلامتي کي پنهنجي سلامتي جو حصو سمجهي ٿو.
هن چيو ته اسان جي معيشت جو دارومدار نار مان ايندڙ تيل ۽ گيس تي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل مهانگو ٿيو آهي، پاڪستان صورتحال کي ڏسندي ڏکيا فيصلا ڪيا آهن، ڏکين حالتن باوجود هر ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته معيشت کي مستحڪم رکيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته تيل اگهن ۾ واڌ دل تي پٿر رکي ڪئي، ان کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن نه هو، اسان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ سرڪاري کاتن جي گاڏين کي ملندڙ ٻارڻ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪري رهيا آهيون ۽ 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون پيون وڃن.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪابينا جا سمورا وزير، صلاحڪار، مددگار رضاڪاراڻي طور ٻن مهينن جي پگهار ۽ الائونس ڇڏيندا، اهڙي ريت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن مان به 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.