مهانگائي جي خوف ۾ ورتل عوام !

تحرير: غلام حسين لغاري

تهران ۽ تل ابيب جتي جنگ هلي رهي آهي روز بمباري ٿئي ٿي آئي ڏينهن ماڻهو مرن ۽ شهيد ٿين ٿا اتان جو ماڻهو ايترو خوف ۾ ورتل ناهي جيترو پاڪستان جو عوام ورتل آهي جنهن کي ٻيو ته ڪو خوف ناهي پر وڌندڙ مهانگائي کان ڊنل آهن جو جنگي حالتون هجن يا نه هتان جي ماڻهن کي ڪيترن ڏهاڪن کان هر حڪومت پئٽرول بمب ڪيرائي سندن معاشي طور قتل ڪرڻ جا عادي بڻيل آهن۔جڏهن به پاڪستان ۾ هڪ رپيو به تيل وڌيو آهي ته هتان جو عام ماڻهو مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو آهي ۽ ان ڌٻڻ مان اڃا تائين ٻاهر نڪري ناهي سگهيو۔

هن ڀيري ته ن ليگ جي وفاقي حڪومت وڻ وڄائي ڇڏيا جنهن خطي ۾ هلندڙ جنگ ۽ تيل جي کوٽ ڄاڻائي هڪ ڌڪ سان  پئٽرول ڊيزل جي قيمتن ۾ 55 رپيا في لٽر واڌ ڪري ملڪ ۽ قوم مٿان مهانگائي جو ايئن بم ڪيرايو آهي جيئن ايران اسرائيل هر آئي ڏينهن هڪٻئي تي ڪيرائي رهيا آهن۔اهي به چئوٻول هلن پيا ته عيد کان اڳ وڌيڪ اگهه وڌايا ويندا نه ته عيد بعد ته ضرور وڌندا۔

قيمتن ۾ وڌاري بعد پئٽرول جي نئين قيمت 321 رپيا 17 پئسه جڏهن تي ڊيزل جي في لٽر قيمت 335 رپيا 86 پئسا ٿي وئي آهي  پوءِ به تيل جو وڪرو بلئڪ تي جاري آهي ڪٿي ڪٿي ته في لٽر چار سئو رپيا به وڪامجي رهيو آهي جو صارفين سفر ۾ هجڻ ڪري مجبور رهن ٿا۔ خدا خير ڪري ته ايندڙ هفتن ۾ ملڪ ۽ قوم جو ڪهڙو حشر ٿيندو جو ن ليگ جي اڳواڻ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڀلي ڀت چئي ڇڏيو آهي ته هي واڌ ته ڪجهه به ناهي  پوءِ به عوام کي مشڪلاتن کان بچائي ورتو آهي۔پنجاب جي وڏي وزير محترمه مريم نواز جو به هڪ اڌ بيان آيو آهي ته حڪومت جو ارادو ته في لٽر هڪ سئو ڏهه وڌائڻ جو هو پر  پوءِ به عوام کي اڌ تي اڌ رليف ڏنو ويو آهي۔وفاق يا پنجاب حڪومت جو عام ماڻهو سان ڇا وڃي جيڪي اربين کربين جا جهاز خريد ڪري هر ماهه هڪ ارب رپيا انهن جي استعمال  لاءِ خرچ ڪن ٿا سندن گهران ڇا ٿو وڃي جو کين عوام جو ڪو تر جيترو به احساس ٿئي۔ان واڌ جي پارليامينٽ مان ڪنهن به قسم جي ڪا منظوري نه ورتي وئي جنهن  لاءِ وزيراعظم جناب محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس۾ ڪيو ويو جيڪو خطي جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي منعقد ٿيو هو۔

حقيقت ۾ هن وقت تڪڙي ۽ تاريخي واڌ جي ضرورت به نه هئي ڇاڪاڻ ته ملڪ کي پنهنجي به تيل ۽ گئس موجود آهي۔ڀر وارن ملڪن ۾ به تيل جون قيمتون ناهن وڌيون جتي جنگ پئي هلي اتي به هن وقت پئٽرول سستو آهي۔اهي به اطلاع آهن وفاقي حڪومت مختلف قسمن جي گئس جا اگهه وڌائڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪي هن وقت به وڌيل آهي ۽ ڊيلر گئس جا اگهه به پنهنجي مرضي سان وڌايو ويٺا آهن۔سي اين جي پمپ ته موراڳو بند آهن۔ گهرن ۾ ته اڳ ۾ ئي گئس جي کوٽ آهي ۽ اگهه به وڌيل آهي ٽئڪس تنهن کان الڳ آهن جن جو اثر گهريلو صارفين تي پئجي رهيو آهي۔جهڙي رفتار آهي ته بجلي جا اگهه به وڌندا ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ عام ماڻهو پيڙهجي ويندو۔

 وفاقي حڪومت تيل مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي کان اڳ اهو تاثر پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ رڳو ٽن هفتن جو پئٽرول ڊيزل وڃي بچيو آهي ۽ تيل مصنوعات جون قيمتون هر هفتي وڌائڻ جو پروگرام آهي تنهن کان پوءِ منافع خور پئٽرول پمپن عوام کي تيل جي فراهمي بند ڪري ڇڏي يا وري بلئڪ تي تيل وڪرو ڪرڻ لڳا ۽ عوام به تيل جو ذخيرو ڪرڻ لڳي جنهنڪري پئٽرول پمپن تي صارفين جا هجوم نظر آيا ٽرانسپورٽرن به 20 سيڪڙو ڀاڙا وڌايا آهن قوم ڪافي ڪجهه لوڙي چڪي آهي.  ايمبولينس سروس به اگهه وڌايا جنهن ڪري مريض اسپتال پهچڻ  لاءِ تڙپندا رهيا۔منافع خور پمپ مالڪ حڪومتي اعلان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي فائدو وٺي ويهي رهيا۔جن پئٽرول پمپ بند ڪيا تن کي فائدو پهتو آهي جو انهن به حڪومت پاران وڌايل اگهن بعد بچيل ذخيرو وڌايل اگهن تي وڪرو بهرحال پاڪستان جون حالتون ايتريون به خراب نه هيون يا مستقبل ۾ تيل جي ڪا اڻاٺ ٿئي ها جو وفاق کي تيل جا اگهه وڌائڻ جي ضرورت پئي هئي۔حڪومت جون اتحادي پارٽيون جن ۾ پ پ پ مک اتحادي آهي انجي مرڪزي قيادت کي پنهنجو موقف سامهون آڻڻ گهرجي ۽ معاملو پارليامينٽ آڏو آڻي وفاق کي مجبور ڪيو وڃي ته جيئن تيل جا وڌايل اگهه پنهنجي جآءِ تي اچي سگهن۔حڪومت کي جيڪڏهن تيل جا ذخيرا وڌائڻا آهن ته وزيرن ۽ ڪامورن جا اجايا پروٽوڪول ۽ شاهي خرچ گهٽائڻ گهرجن۔جن به پئٽرول پمپن تيل جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي پئٽرول پمپ بند رکي تيل بلئڪ تي وڪرو ڪيو آهي تن جا لائسنس رد ڪيا وڃن پر اهو انڪري به ممڪن ناهي جو پئٽرول توڙي سي اين جي پمپ عام ماڻهن جا نه پر حڪومت ۾ برسراقتدار طبقن جا شهن جن کي ئي فائدي پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.