پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ون ڊي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ون ڊي سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو.
ون ڊي سيريز ۾ نعيم الرشيد ميچ ريفري جا فرض انجام ڏيندو، جڏهن ته ڪمار ڌرماسينا، ايڊرين هولڊ اسٽاڪ، غازي سهيل، تنوير احمد ۽ مسعود الرحمان آن فيلڊ امپائر مقرر ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز 11 مارچ کان شروع ٿيندي، ٽئي ميچون ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.