هن مند ۾ هنداڻو ڇو کائڻ گهرجي؟

هنداڻو گرمي جي موسم ۾ قدرت جو هڪ خاص تحفو آهي، جيڪو نه رڳو ذائقيدار آهي پر ڪيترن ئي طبي فائدن سان ڀرپور آهي.
اچو ته ڄاڻون هن مند ۾ هنداڻو ڇو کائڻ گهرجي.
جسم کي هائيڊريٽ رکي ٿو
هنداڻو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ، جيڪو جسم جي پاڻي جي کوٽ پوري ڪري ٿو، خاص طور گرمي ۾.
دل جي صحت لاءِ فائديمند
هنداڻي ۾ موجود لائيڪوپين دل جي صحت کي فائدو ڏئي ٿو ۽ دل جي بيمارين جو خطرو گهٽ ڪري ٿو.
جگر جي صفائي لاءِ مددگار
هنداڻو جگر مان زهريلا مادا خارج ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ جسم کي صاف رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو.
جلد لاءِ بهتر
وٽامن A ۽ C جي موجودگي سبب هنداڻو جلد کي تازو توانو ۽ جوان رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
وزن گھٽائڻ لاءِ ڪارآمد
گهٽ ڪيلوريز ۽ وڌيڪ پاڻي هجڻ ڪري هنداڻو وزن گھٽائڻ وارن لاءِ بهترين آهي.
هاضمي کي بهتر بڻائي ٿو
هنداڻو فائبر جي موجودگي هاضمي جي نظام کي بهتر بڻائي ٿو ۽ قبضي کان بچائي ٿي.
اکين جي صحت لاءِ مفيد
وٽامن اي اکين جي صحت لاءِ اهم هوندو آهي ۽ هنداڻي ۾ وٽامن اي جي موجودگي سبب اهو عمر وڌڻ سان نظر گهٽ ٿيڻ بچائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.