پاڪستان جي سعودي عرب کي 10 سالن لاءِ 5 ارب ڊالر ڊپازٽ ۽ تيل جي سهولت جي درخواست

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ جنگ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڏسندي پاڪستان سعودي عرب سان ڊگهي مدي جي اقتصادي سهڪار لاءِ رابطو ڪري ورتو.
ذريعن موجب پاڪستان سعودي عرب کي ڊگهي مدي جي اقتصادي سهڪار جون 8 درخواستون ڪيون آهن، جن ۾ موجوده 5 ارب ڊالر جي ذخيرن کي 10 سالن جي ڊگهي مدي جي سهولت ۾ تبديل ڪرڻ به شامل آهي.
پاڪستان سعودي عرب جي حڪومت کي ڊيفرڊ ادائيگي تحت تيل جي سهولت کي 1.2 ارب ڊالر مان وڌائي 5 ارب ڊالر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
ان کانسواءِ ان جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي رقم 10 ارب ڊالر جي سڪيورٽائزيشن ڪرڻ ۽ ٻيا معاملا شامل آهن.
پاڪستان ۽ سعودي عرب اڳ ئي گڏيل اقتصادي سهڪار جي پيڪيج تي ڳالهيون ڪري رهيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.