پاڪ بحريا علائقائي خطرن سبب آپريشن محافظ البحر شروع ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا علائقائي خطرن سبب آپريشن محافظ البحر شروع ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب علائقائي سامونڊي سلامتي جي مٽجندڙ صورتحال ۽ اهم بحري رستن ۾ امڪاني خلل کي ڏسندي پاڪ بحريا قومي سامونڊي واپار کي پيش گهڻ رخي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آپريشن محافظ البحر شروع ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ان قدم جو مقصد قومي توانائي جي پهچ بنا وقفي جاري رکڻ ۽ سامونڊي مواصلاتي رستن جي حفاظت يقيني بڻائڻ آهي.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريا جا اسڪارٽ آپريشنز، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) سان ويجهو سهڪار ڪري رهيا آهن، پاڪ بحريا موجوده سامونڊي صورتحال کان چڱي ريت باخبر آهي ۽ واپاري جهازن جي چرپر تي مسلسل نظر رکيو پئي اچي ته جيئن ان جي محفوظ ۽ پرامن اچ وڃ کي يقيني بڻائي سگهجي.
آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جو تقريبن 90 سيڪڙو واپار سمنڊ ذريعي ٿيندو آهي، تنهن ڪري آپريشن جو بنيادي مقصد اهم سامونڊي رستن کي محفوظ ۽ مستحڪم رکڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.