ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ جي اھم گڏجاڻيءَ خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان جا پاڪستان جي توانائي جي فراهمي ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن جو جائزو ورتو، ڪراچيءَ ۾ سي ايم هائوس ۾ رٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، صوبائي سيڪريٽري توانائي شهاب انصاري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس کي عالمي سطح تي تيل جي وڌندڙ اگھن ۽ ملڪ ۾ ٻارڻ (فليو) جي ذخيرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وفاقي عملدارن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وچ اوڀر ۾ تڪرار وڌيڪ وڌي ويو ته خام تيل جي قيمت 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي، جنهن سان پاڪستان جي معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو. اجلاس ۾ هنگامي توانائي بچت وارن اپائن تي پڻ ويچار ڪيو ويو، جن جو مقصد ٻارڻ جي استعمال کي بهتر نموني منظم ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي جي ذميواراڻي استعمال ۽ عوامي سهڪار جي گھرج تي زور ڀريندي چيو تھ حڪومت جي ترجيح اها آهي ته توانائي واري صورتحال کي ڏاھپ سان سنڀالجي تھ جيئن قومي معيشت جو ڦيٿو هلندو رهي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي حڪومت جي عالمي توانائي مارڪيٽن تي نظر رکي رهي آهي ۽ تيل جي اگھن ۾ واڌ جي مالي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي رٿائون تيار ڪيون پيون وڃن، جيڪڏهن خام تيل جي اگھن ۾ واضح واڌ ٿي ته پاڪستان جو ماهوار تيل درآمدي بل 600 ملين ڊالر تائين وڌي سگهي ٿو، جنهن سان ملڪ جي پرڏيھي کاتن تي دٻاءُ وڌندو، وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته ٻارڻ جي بچت لاءِ اپاءُ وٺڻ ضروري آهن ته جيئن موجود ذخيرا وڌيڪ عرصي تائين برقرار رهن ۽ اهم شعبن لاءِ دستياب رهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڄ پيٽرول جا ٽي ڪارگو پاڪستان پهچڻ جي اميد آهي، ٻارڻ جي فراهمي کي هموار رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت صوبن سان گڏجي ٻارڻ جي ذخيرن ۽ فراهمي جي نگراني لاءِ گڏيل ڊيش بورڊ تيار ڪري رهي آهي.