عوام جي خزاني مان حڪومتي عياشيون برقرار،ماڻهن ۾ ڪاوڙ ؟

اسلام آباد(عروج رضا صيامي)پاڪستان جي معيشت هن وقت انتهائي دٻاءَ هيٺ آهي، ۽ هر حڪومتي فيصلو سڌو سنئون عوام جي زندگي تي اثر انداز ٿئي ٿو. پر گذريل رات پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر55 رپين جو اوچتو اضافو عوام تي مهانگائي جو هڪ نئون وڏو بار آهي.اصل سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت وٽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪو ٻيو متبادل رستو نه هو؟ حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن سنجيده ۽ عوام دوست پاليسيون اختيار ڪيون ويون، ته ڪيترائي متبادل طريقا موجود هئا جن سان عوام کي رليف ملي سگهي ها حڪومتي عهديدارن ۽ بيوروڪريسي جي شاهانه مراعات کي ختم ڪرڻ،پاڪستان ۾ هزارين سرڪاري آفيسرن ۽ عهديدارن کي مفت پيٽرول، سرڪاري گاڏيون ۽ بي شمار سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي قومي خزاني تي اربين رپين جو بار وجهن ٿيون۔سرڪاري آفيسرن کي هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن گھر کان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ سان روزانه گاڏين جي سفر ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي،آن لائن يا هائبرڊ تعليم جو جزوي نظام متعارف ڪرائڻ سان شاگردن جي سفر ۽ پيٽرول جي استعمال ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔وڏن جاگيردارن، رئيل اسٽيٽ وارن ۽ طاقتور ڪاروباري گروهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان قومي خزاني لاءِ اربين رپيا اضافي آمدني اچي سگهي ٿي،شمسي ۽ هوا مان پيدا ٿيندڙ توانائي تي ڪم ڪرڻ سان درآمدي تيل تي انحصار گھٽجي سگهي ٿو، ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو گهٽجي سگهي ٿو۔پيٽرول جي قيمت ۾ وڏو اضافو رياست ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جي رشتن تي به اثر انداز ٿئي ٿو۔ جڏهن عوام محسوس ڪري ته معاشي بحران جو بار صرف انهن تي آهي ۽ حڪمران پنهنجون مراعتون برقرار رکيو آهي، ته سماج ۾ بيچيني ۽ مايوسي وڌي ٿي،اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي رڳو معاشي مسئلو نه رهي، پر هڪ وڏو سماجي ۽ سياسي چيلنج بڻجي چڪي آهي۔جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام کي ريليف ڏيڻ چاهي ٿي ته پنهنجون مراعتون گھٽائي،مفت پيٽرول ۽ شاهانه سهولتون ختم ڪري،جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ورڪ فرام هوم ۽ آن لائن نظام کي فروغ ڏئي،طاقتور طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي،۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارا ڪري،نه ته پيٽرول جي قيمتن ۾ هر نئون اضافو مهانگائي جي نئين لهر کي جنم ڏيندو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر عام پاڪستاني هوندا، جيڪي اڳ ئي معاشي مشڪلاتن جي هيٺان دٻيل آهن

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته ن ليگ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي آهي، ۽ جيڪي فيصلا اهي ڪري رهيا آهن، اهي صرف پنهنجي سياست دفنائڻ جو انتظام آهن،هن چيو ته جيڪڏهن همت هجي ها ته ٽرمپ کي چيو وڃي ها ته جيئن جيئن هن انڊيا کي روس کان تيل خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، اسان کي به ڏيو،پر اتي ته نوبل انعام ڏيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن،هن چيو ته اسان هاڻي هڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون۔عوام ۾ حڪمرانن خلاف انتهائي ڪاوڙآهي، ۽ جيڪڏهن اهو ڪنهن ڏينهن ڀڙڪيو ته توهان کي ڪنهن جهاز ۾ ڀڄڻو پئجي سگهي ٿو۔هن چيو ته عوام تي بم نه وجهو، جيڪڏهن وجهڻو آهي ته پنهنجن تي وجهو، هن ته جيڪي رياست جا علمبردار، بيوروڪريٽس، سرمائيدار ۽ جاگيردار آهن، انهن جي مراعتن کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ انهن کي چيو وڃي ته ٿورو محتاط رهو پر انهن اها ڪوشش نه ڪئي آهي،هن چيو ته پاڪستان هن وقت هڪ انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي. تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ ڪري ذخيرن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، جنهن جو اثر بجليءَ جي پيداوار ۽ صنعتن تي پوندو. آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ لازمي بڻجي وئي آهي، جنهن سان عوام ۾ ڪاوڙ وڌندي. تيل جي ڊيلرز اڳ ئي سپلاءِ جي کوٽ جو شڪايت شروع ڪري ڏني آهي. ٽي وي پروگرام ۾ تبصرو ڪندي هن چيو ته عوام تي اڳ ئي وڏو بار آهي، جڏهن اهڙي صورتحال ٿيندي ته عوام ۾ ڪاوڙ وڌندي ته اسان آمريڪا سان گڏجي ڪٿي ڦاسي ويا آهيون. پرڏيهي پاليسي تي به سوال اٿندا، کوڙ ماڻهو ان تي تنقيد به ڪري رهيا آهن. جيئن ڀارت ۾ آمريڪا سان اتحاد تي تنقيد ٿي رهي آهي تيئن هتي به شروع ٿي رهي آهي.  نجم سيٺي چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هن وقت انتهائي نازڪ موڙ تي آهي، جتي ملڪ وٽ اولهه ملڪن جيئن آمريڪا ۽ يورپ جي پروي کانسواءِ ٻيو ڪو به متبادل موجود ناهي. هن چيو ته پاڪستان اولهه ملڪن جي امداد ۽ واپار تي ايترو ته ڀاڙي ٿو جو هو هن تڪرار ۾ پاڻ کي الڳ نٿو ڪري سگهي. نجم سيٺي موجب، جيتوڻيڪ عوام ۾ اها ڪاوڙ موجود آهي ته پاڪستان آمريڪا جو ساٿ ڇو ڏئي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته اسان جو سڄو معاشي نظام هن وقت اولهه سان ڳنڍيل آهي. جيڪڏهن پاڪستان هنن کان پري ٿيو ته نه رڳو امداد بند ٿيندي، پر يورپ سان ٿيندڙ واپار ۽ گلف ملڪن مان ايندڙ ناڻو به متاثر ٿيندو. سيٺي وڌيڪ چيو ته ڀارت جهڙن ملڪن وٽ آزاد پرڏيهي پاليسي اختيار ڪرڻ جا موقعا موجود هئا، پر هنن به آمريڪي ڪيمپ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان لاءِ صورتحال مختلف آهي، اسين هن سسٽم ۾ اهڙي طرح ڦاٿل آهيون جو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي سگهه نٿا رکون. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان هن راند کي احتياط سان نه کيڏيو ته هو عالمي سطح تي مڪمل طور تي اڪيلو ٿي ويندو. پاڪستان سعودي عرب سان رابطو ڪري يانبو (ڳاڙهي سمنڊ واري بندرگاهه) ذريعي تيل جي فراهمي جاري رکڻ جي درخواست ڪئي آهي. سيٺي جو خيال آهي ته سعودي عرب ٽيڪنيڪل طور تي پاڪستان جي مدد ضرور ڪندو ته جيئن آبنائي هرمز جي بندش جي صورت ۾ متبادل رستو استعمال ڪري سگهجي. نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ملڪي مفاد ۾ حڪومت کي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن عمران خان سان ملاقات سان ملڪي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن معاشي دٻاءُ وڌيو ۽ سياسي استحڪام نه آيو ته حڪومت لاءِ مشڪلاتون وڌي وينديون. جنگ مان نڪرڻ لاءِ آمريڪا کي ايران سان ٻيهر 2015 جهڙي ايٽمي معاهدي ڏانهن واپس اچڻو پوندو. ايران کي ايٽمي بم نه ٺاهڻ جي ضمانت ڏيڻي پوندي ته جيئن علائقائي امن بحال ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.