پيٽرول مهانگو، موٽر سائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي صوبي جي سڀني موٽر سائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل آفريدي چيو ته جعلي حڪومت پيٽرول جو ايٽم بم ڪيرايو آهي، تيل اگهن ۾ واڌ کي رد ڪيون ٿا، وفاق صوبن کي اعتماد ۾ وٺي، وفاق عوام تي بار وجهڻ بدران پنهنجا شاهاڻا خرچ گهٽائي.
هن چيو ڪورونا ۾ جڏهن اسان پيٽرول مهانگو ڪيو ته ان تي سياست ڪئي وئي، پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته اسان انهن جو ساٿ ڏنو سياست نه ڪئي، ڪراچي ۾ گل پلازا واقعي تي اسان سياست نه ڪئي، نواز شريف جا پليٽيليٽس ڪِري پيا اسان سياست نه ڪئي پر عمران خان جي صحت جي معاملي تي اهي سياست ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ جا اثر گهٽائڻ لاءِ موٽر سائيڪل سوارن کي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هن وقت صوبي ۾ تقريبن 14 کان 16 لک موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ آهن، موٽر سائيڪل وارن کي 2200 رپيا ڏنا ويندا ته جيئن کين سفري خرچن ۾ رليف ملي سگهي، بي آر ٽي جي ڀاڙن ۾ به واڌ نه پيا ڪيون ۽ حڪومت خرچ پاڻ برداشت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.