ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ هر گاڏي جي ٿرڊ پارٽي انشورنس لازمي قرار ڏئي ڇڏي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب بنا انشورنس نه هاڻ گاڏي رجسٽرڊ ٿيندي ۽ نه ئي ٽوڪن ٽيڪس جمع ٿي سگهندو، حادثي ۾ فوتي جي وارثن کي 7 لک ۽ معذوري تي 5 لک رپيا معاضو ملندو.
هن ٻڌايو ته وڏي وزير گاڏين لاءِ نو فالٽ معاوضي سسٽم جي منظوري ڏني آهي، پاڪستان جو پهريون جديد ڊجيٽل انشورنس مانيٽرنگ سسٽم سنڌ ۾ فعال ٿي ويو آهي.
ترجمان چيو ته سنڌ موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم کانپوءِ نئون قلم وڌايو ويو آهي، ٽريفڪ حادثن جي متاثرن کي مالي تحفظ فراهم ڪرڻ ترجيح آهي.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير ايڪسائز کاتي کي قانون تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گاڏين جي منتقلي لاءِ به هاڻ ويلڊ انشورنس پاليسي جو هجڻ لازمي هوندو.
مراد علي شاهه چيو آهي ته روڊ سيفٽي ۽ واهپيدارن جي حقن جي تحفظ لاءِ اهو قدم اهم ڪاميابي آهي، ٿرڊ پارٽي انشورنس جو قانون حادثن جي متاثر غريب خاندانن لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿيندو، متاثر ٿيندڙ شهري کي قانون تحت فوري طور مالي رليف ملندو، سسٽم کي ايترو شفاف بڻايو آهي جو جعلي انشورنس جو رستو هاڻ بند ٿي ويندو.
وڏي وزير موجب عوام کي ان نئين قانون جي فائدن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ مهم هلائي ويندي، ٽيڪس ڪليشن سان گڏ عوام کي خدمتون فراهم ڪرڻ اسان جو مقصد آهي.
You might also like