عوام لاءِ هڪ ٻي بُري خبر، کير 320 رپيا في ليٽر ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن کير مهانگو ڪرڻ لاءِ ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو.
ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن طرفان خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ کير جي في ليٽر قيمت 320 رپيا مقرر ڪئي وڃي.
ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن چيو آهي ته 70 رپيا في ليٽر نقصان برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ هن وقت في ليٽر کير جي قيمت 220 رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.