حيدرآباد (رپورٽر) عورتن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي اڄ منجھند جو 3 وڳي وومين ايڪشن فورم طرفان خانا بدوش رائيٽرس ڪيفي ۾ ”پدرشاھي کان سامراجيت تائين عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ جدوجھد“ جي عنوان ھيٺ ڏينھن ملھايو ويندو، جنھن کي سماج سڌارڪ اڳواڻ عورتون اديب ۽ دانشور خطاب ڪندا، پروگرام جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، پروگرام ۾ وڏي انگ ۾ عورتون شريڪ ٿينديون.