اسلام آباد (شهزاد اقبال) جن معاشي خطرن جو اظهار ڪيو ويو هو اهي خطرا تيل اگهن ۾ واڌ ذريعي ظاهر ٿيا آهن. اثر معيشت ۽ خاص طور عوام تي پئجي رهيو آهي. تيل اگهن ۾ 55، 55 رپيا تاريخي واڌ ڪئي وئي آهي. حڪومت گاسليٽ جي اگهه 130 رپيا في ليٽر ۽ جيٽ فيول ۾ 154 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان جو سبب حڪومتي وزير وچ اوڀر ۾ جاري جنگ کي قرار ڏئي رهيا آهن. تيل اگهن ۾ واڌ سان عوام تي مهانگائي جو بار وڌندو، فيصلي تي سوال اٿي رهيو آهي ته تيل جا 25 ڏينهن جا ذخيرا موجود هئا ته پوءِ فوري ۽ ايڏو وڏو بار عوام تي ڇو وڌو ويو؟ ان تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته بار منتقل ڪرڻ جو مقصد اسگلنگ کي روڪڻ آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو هو ته مقصد ذخيرا اندوزي روڪڻ آهي. ياد رهي ته عوام تي اهو بار رمضان جي مهيني وڌو ويو آهي، جتي مهانگائي اڳ ئي وڌيڪ آهي ۽ عيد به ويجهي آهي. نيٺ حڪومت ڏکين فيصلن جو بار ڪيستائين عوام تي منتقل ڪندي رهندي؟ حڪومت شاهاڻن خرچن ۾ گهٽتائي جون دعوائون ڪڏهن ختم ٿينديون؟ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته آئل ڪمپنين کي 113 ارب رپين جو فائدو پهچايو ويو آهي. حڪومت طرفان ڪامورن کي مهانگين گاڏين ۽ تيل جي خرچن کي گهٽ ڇو ناهي ڪيو ويو؟ ان ڏس ۾ خرم شهزاد جو چوڻ آهي ته سبسڊي ڏيڻ معيشت لاءِ ٺيڪ ناهي، اسان اهم سياسي فيصلا ورتا آهن. اسان معاشي فيصلن کي ڀوڳي رهيا آهيون، اهي فيصلا درست ڪرڻ گهرجن. اوهان کي هر صورت 20 ڏينهن جو اسٽاڪ رکڻو هوندو آهي. خريد ۽ وڪري ۾ فرق رکڻ سان ان فرق کي ڪيئن پورو ڪري سگهجي ها؟ هرمز پهريون ڀيرو بند ٿيو آهي. هن چيو ته بعد ۾ تيل اگهه گهٽجڻ سان تيل ڪمپنين کي نقصان به ٿيندو. جيستائين ليوي جي ڳالهه آهي ته اها آهستي آهستي مقرر ڪئي وئي آهي. هن وقت ليوي گهٽائي نٿي سگهجي ڇو ته جنگ وڌي به سگهي ٿي. هن چيو ته سڌارا هلي رهيا آهن.