اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وچ اوڀر ۽ ايران جي تازي صورتحال عالمي معيشت لاءِ سنجيده خطرا پيدا ڪري ڇڏيو آهي،آبنائي هرمز جي بندش سبب عالمي تيل جي فراهمي متاثر ٿي آهي ۽ تيل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿيو آهي،هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ضرورت جو وڏو حصو تيل ۽ توانائي ۾ درآمد ڪري ٿو، تنهنڪري عالمي سپلائي متاثر ٿيڻ ۽ قيمتن ۾ واڌ سبب درآمدي خرچ ۾ اضافو اڻٽر آهي،هن چيو ته جيڪڏهن اهو اضافي خرچ مڪمل طور تي حڪومتي خزاني تي وڌو وڃي، ته مالي خسارو وڌي ويندو، ترقياتي منصوبن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ پوندو.انهيءَ ڪري، مشڪل حالتن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه فيصلا وقتي طور سخت ضرور ٿين ٿا، پر اهي ڊگهي مدي واري استحڪام لاءِ ضروري آهن،هن چيو ته اصل ضرورت آهي ته متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، جنهن ۾ ڪمزور طبقي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هن چيو ته غير معمولي حالتن ۾ غير معمولي فيصلا ڪرڻ لازمي آهن.