حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ علي محمد ڪلمتي ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪمرانن پيٽرول بم عوام مٿان اڇلايو آهي، پيٽرول جي قيمت وڌائي عوام جو معاشي قتلام ڪيو آهي، پيٽروليم قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري پاڪستان جي عوام کي آمريڪي جنگ ۾ قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، ملڪ جا حڪمران ٽرمپ کي امن جو عالمي ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ تان عوام کان معافي وٺن ۽ آمريڪا جي بورڊ آف پيس مان فوري طور نڪري وڃن، وچ اوڀر، لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا سميت سموري دنيا ۾ رت جون نديون وهائيندڙ آمريڪي سامراجي نمائندي ٽرمپ کي نوبل جو انعام ڏيڻ آمريڪي جنگين ۽ مداخلتن جي حمايت ڪرڻ برابر آهي.