پيٽرول اگهن ۾ واڌ رد، عوام کي رليف ڏنو وڃي: حافظ نعيم

ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم شين ۾ وڏي واڌ کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو آهي ته حڪمران پنهنجي عيش عشرت ختم ڪن ۽ عوام کي رليف فراهم ڪن، ڪراچي ۾ افطار پارٽي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ جو بهانو بڻائي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ پنجاهه رپيا في ليٽر واڌ ڪئي آهي، ان واڌ جا ويهه رپيا ليوي آهي، حڪومت هڪ عام ماڻهو کان هڪ ليٽر پيٽرول تي هڪ سئو ويهه رپيا ليوي ۽ ٻيا ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، حڪومت گذريل ٻن سالن ۾ عوام کان پيٽروليم شين تي ڇهاسي سئو ارب ٽيڪس گڏ ڪيا آهن، قوم کي ٻڌايو وڃي ته ايف بي جي 86 هزار ملازمن اشرافيه کان ڪيترو ٽيڪس گڏ ڪيو آهي؟ هن چيو ته حڪومت پنهنجي عيش عشرت گهٽائڻ ۽ اشرافيه کان ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته عام ماڻهو جو رت چوسيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.