پاڪستان خطي ۾ سڀ کان مهانگو پيٽرول وڪرو ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان تيل اگهن ۾ ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 321 رپيا 17 پئسا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ڀارت ۾ پيٽرول 94.77 رپيا، سريلنڪا ۾ 293 رپيا ۽ بنگلاديش ۾ 116 ٽڪا آهي. قيمتن ۾ هن واڌ کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽرن ڪرائي ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سڌو اثر روزاني جي ضرورتن واري شين جي قيمتن تي پوندو. عوام حڪومت کان پيٽرول جي قيمتن ۾ فوري طور تي گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.