ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ واڌ واري فيصلي تي حڪومت تي سخت تنقيد هلي رهي آهي، سينئر صحافي عارف حميد ڀٽي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته حڪمرانن ۽ سرڪاري آفيسرن لاءِ مهانگا جهاز ۽ قيمتي گاڏيون خريد ڪيون پيون وڃن، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽن جي ججن، قومي اسيمبلي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين ۽ اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون۽ پينشن وڌايون پيون وڃن۔ ٻئي طرف حڪومت عام ماڻهن تي مهانگائي جا بم ڪيرائي رهي آهي، ڇا اهڙي نظام کي واقعي "جمهوريت” چئي سگهجي ٿو؟ صحافي اجمل جامي پنهنجي ٽوئيٽ ڪيو ته جيڪڏهن عوام تي في ليٽر 55 رپيا جو اضافي بار وجهڻو ئي هو، ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ وزيرن، مشيرن ۽ اعليٰ ۽ نيم اعليٰ سرڪاري آفيسرن کي ملندڙ مفت پيٽرول ئي گهٽائي ڇڏين ها۔ گهٽ ۾ گهٽ علامتي طور تي ئي صحيح، عوام کي اهو احساس ته ڏياريو ته حڪومت به پنهنجي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪري رهي آهي، اقتصادي تجزيه نگارفرخ سليم چيو ته حساب بلڪل سادو آهي، تيل 45 ڏينهن اڳ تقريباً 60 ڊالر في بيرل جي قيمت تي خريد ڪيو ويو۔ اهو ئي تيل اڄ عوام کي تقريباً 327 رپيا في ليٽر تي وڪرو ڪيو پيو وڃي۔ ان حساب سان تقريباً 113 ارب رپين جو اسٽاڪ (انويٽري) منافعو ٺهي ٿو ــ يعني اهڙو منافعو جيڪو اڳ ۾ خريد ڪيل تيل مان ملي رهيو آهي، هن چيو ته سوال اهو آهي ته اهي 113 ارب رپيا آخر ڪير کيسي ۾ وجهي رهيو آهي؟ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي اهو فائدو آهي ته جيڪڏهن اهي پيٽرول جي قيمت پنج سئو رپيا به وڌائي ڇڏين، تڏهن به انهن جي ووٽ بئنڪ تي ڪو فرق نٿو پوي، ڇو ته انهن وٽ اصل ۾ ووٽ بئنڪ آهي ئي ڪونه فواد چوڌري چيو ته حڪومت ۾ شامل ماڻهو پاڻ ڪابه مراعات گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن، پر ايمرجنسي جي طور تي گهرجي ته صدر، وزيراعظم، جج، جنرل، وفاقي ۽ صوبائي ڪابينائن، سرڪاري آفيسرن کي مفت تيل جي سهولت ختم ڪرڻ گهرجي۔ ! فاروق فيصل چيو ته اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهار تقريباً 21 لک رپيا آهي، جڏهن ته رهائش، سفر، تيل، بجلي ۽ گاڏي سڀ ڪجهه مفت ڏنو وڃي ٿو، رٽائرڊ جج جي پينشن ئي رڳو 15 کان 25 لک رپيا آهي اهڙي حالت ۾ انهن کي مهانگائي جو ڇا خبر پوندي؟ صحافي طلعت حسين مارڪيٽ ۾ کاڌي سميت تقريباً هر شيءِ جون قيمتون اڳ ئي 30 سيڪڙو وڌي چڪيون آهن۔ ايندڙ هفتا ته ان کان به وڌيڪ خراب هوندا۔ حڪومتون نه ته ذخيرو اندوزي ي ڪنٽرول ڪري سگهنديون ۽ نه ئي قيمتن جي وڌيڪ واڌ کي روڪي سگهنديون۔ نتيجي ۾ عام ماڻهو مڪمل طور تي پيڙهجي ويندو۔ اهو فيصلو جيترو بي رحم ۽ بي حس آهي، اوترو ئي سياسي طور بيوقوفي وارو به آهي۔ حڪمران پنهنجا شاهانه خرچ ڇو نٿا گهٽائين؟ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته في ليٽر 55 رپيا واڌ اڳ ئي مهانگائي کان متاثر عوام لاءِ وڏو بار آهي۔ هي واڌ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت وڌڻ جي ڪري نه، پر عوام کان اضافي ٽيڪس وٺڻ جي ڪري ڪئي وئي آهي، هن چيو ته جڏهن عوام تي معاشي ڏکيائي اچي ٿي ته انهن تي ٽيڪس جو بار وڌائڻ بدران گهٽايو ويندو آهي۔ پر جيڪڏهن توهان عوام جي ووٽن سان حڪومت ۾ نه آيا هجو ته پوءِ شايد توهان کي عوام جي تڪليف جي ڪا پرواهه نه هجي۔ ڪاميڊين ۽ سوشل ميڊيا شخصيت شفاعت علي چيو ته هڪ اهڙو ماڻهو جنهن جي پگهار 40 هزار رپيا هجي، اهو جيڪڏهن پنهنجو گردو به وڪڻي ڇڏي ته به شايد اسڪول يا آفيس وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل جو پيٽرول پورو نه ڪري سگهي۔ هڪ ئي لمحي ۾ 55 رپيا واڌ ڪرڻ سراسر ظلم آهي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير پنهنجي حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ ۽ عوام تي اضافي ٽيڪس جي فيصلي بابت وضاحت ڇو نه ڪئي وئي۔ اهڙي پيٽرول جي قيمت ڇو وڌي، جيڪو اڳ ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تقريباً 60 ڊالر في بيرل تي خريد ڪيو ويو هو؟ جيڪڏهن ايف بي آر صحيح نه ڪيو آهي، ته پوءِ غريب عوام کي ڇو سزا ڏئي رهيا آهيو؟ صحافي غريده فاروقي سوال ڪيو آهي ته حڪومت ڇو خاموش آهي۔ روس جو تيل به اچي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ تقريباً هڪ مهيني جو اسٽاڪ موجود آهي، پوءِ قيمت ڇو وڌائي وئي؟ ڪنهن ڪنهن هڪ ئي رات ۾ پنهنجا کيسا ڀريا ؟ ڇا حڪومت به هن ڪرپشن ۾ شامل آهي؟ سوشل ميڊيا شخصيت مونا عالم چيو ته حڪومت پنهنجن شاهاڻن خرچن ۽ پروٽوڪول، ناز نخرن ۾ ڪا به ڪٽوتي نه ڪئي، پر مهانگو تيل خريدڻ کان اڳ ئي عالمي بحران جو سڄو بار عوام تي وجهي ڇڏيو۔ حڪومت ذخيرو موجود هجڻ باوجود پيٽرول پمپ ڊيلرن جي دٻاءَ ۾ اچي وئي۔ سمجهه ۾ ٿو اچي ته عالمي مسئلو آهي، پر اهو بار صرف عوام لاءِ ڇو آهي؟ حڪمرانن لاءِ ڇو نه؟ سنڌ جي ناليواري ليکڪه ڊاڪٽر عرفانه ملاح لکيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جي ڪا به بحران موجود ناهي، ۽ نه ئي عالمي مارڪيٽ جو دٻاءَ پيٽرول جي قيمتن کي وڌائي رهيو آهي؛اهو صرف لالچ آهي، جيڪو ماڻهن کان پيسا نچوڙڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ته جيئن شاهانه جهازن تي خرچ جاري رهي، سوشل ميڊيا شخصيت ۽ ڪارٽونسٽ اسد آر چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم کي گهرجي ته قوم سان خطاب ڪري اپيل ڪري ته جيستائين حالتون بهتر نه ٿين، خاص طور تي هيٺيون طبقو ۽ لوئر مڊل ڪلاس اشرافيه جي خدمت ۾ پنهنجو پاڻ قربان ڪري سگهي ٿو۔ انهن غريبن کي قبر ۾ سڪون ملندو ۽ جنت جو امڪان به وڌيڪ آهي۔ اشرافيه ته هتي ئي زندگي مان لطف اندوز ٿيندي، خالد حسين تاج لکيو ته جيڪڏهن ملڪ واقعي مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي، ته قرباني صرف غريب عوام کان ڇو؟ اشرافيه کي به پنهنجو حصو ڏيڻ گهرجي، صحافي بلال غوري لکيو ته حڪومت جيڪڏهن عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ بدران سرڪاري خزاني تي هلندڙ پرائيويٽ جهازن جي عياشي ۽ مفت پيٽرول ختم ڪري ڇڏي ها، ته صورتحال با آساني سنڀالي سگهجي ها۔ پر هر ڀيري عام ماڻهو کان ئي قرباني ورتي وڃي ٿي، صحافي ثمينه پاشا جو چوڻ آهي ته پيٽرول تي ٽيڪس ۽ مهانگائي جو بار صرف عام عوام تي وڌو پيو وڃي، جڏهن ته سرڪاري اشرافيه پنهنجي مراعتون برقرار رکي ٿو، ۽ اهو غير منصفاڻو آهي، ڪامران احسن لکيو ته وزيراعظم! اسان خوني انقلاب جي ويجهو پهچي رهيا آهيون، هن چيو ته گريڊ 1 کان 22 تائين جي سرڪاري پگهار ۽ پارليامينٽ ميمبرن جون پگهارون 40 هزار کان 3 لک رپيا جي حد ۾ آڻيو۔ سڀ مراعتون ختم ڪريو۔ ڇو ته سماجي ناانصافي المين کي جنم ڏئي ٿي۔