عورت جي وجود کي مڃڻ سان ئي ترقي جا دروازا کلندا

اشرف لاريب

عورت جي اهميت ۽ درد ڪٿا کي سمجهي گڏيل قومن جي اداري 8 مارچ تي بين الاقوامي طور تي عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو جيڪو مون سميت سمورين عورتن لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي جنهن جي ملهائڻ سان دنيا ۾ ٿيندڙ عورتن سان ٿيندڙ اڻ  برابري واري روايت کي وائکو ڪيو ويندو آهي ۽  ،عورتون جي حقن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏو گڏ ، عورتن جي صلاحيتن ۽ انهن جي انتهائي غير معمولي بي مثال ڪمن کي دنيا آڏو ظاهر ڪيو ويندو آهي.  هن ڏهاڙي ملهائڻ سان سڄي دنيا آڏو اهو احساس جاڳايو ويندو آهي ته  ته عورت به هڪ انسان ذات آهي ان لاءِ هي ڏهاڙو وڏي اهميت رکي ٿو. 8مارچ تي خاص ڪري عورتن جو ڏينهن ملهائڻ  سان پوري دنيا کي شايد اهو محسوس ٿيندو هجي ته هي نهايت اثرائتو قدم آهي پر هن ترقي يافته دئور ۾ اڄ به هر روز ڪٿي نه ڪٿي مظلوم عورت جي دانهن هُن جي ڪوُڪ  آسمان ۾ گونجندي هوندي.

عورت سان ٿيندڙ نا انصافي هن جي ڄمڻ سان شروع ٿي ويندي آهي ڇٺي کان وٺي جوان ٿيڻ تائين هن جا گهر  جا ڀاتي گهر ۾ ئي هن سان اڻ برابري وارو ورتاءِ ڪندا آهن  نياڻي جي ڄمڻ سان ئي سندس گهر وارن جو منهن ئي لهي ويندو آهي  مبارڪ ڏيڻ جي بجاءِ اهو چيو ويندو آهي نياڻي جو ٻار پيدا ٿيڻ  سان گهر وارن کي ڏاج گڏ ڪرڻ جي ڳڻتي شروع ٿي ويندي آهي ڪيترن ئي گهرن ۾ عورتون نياڻي پيدا ٿيڻ کان وٺي هن لاءِ ٿانو ءِ ٿپا گڏ ڪرڻ شروع ڪنديون آهن جيڪي جواني تائين اهو عمل جاري رهندو آهي ٻيو ته ٺهيو نياڻي جي شادي تي نياڻي کي زيور به گهٽ ڏنا ويندا آهن ان جي بنسبت ڇوڪرو جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته ماڻس جا سمورا زيور مايون پنهنجي ٿيڻ واري ننهن لاءِ زيور لڪائي رکنديون آهن اها پڻ اڻ برابري واري روش آهي.ڇٺي جي تقريب جيڪا پٽ جي ڄمڻ تي گهر ۾ منعقد  ڪئي ويندي آهي شادمانا ٿيندا آهن ان جي برعڪس نياڻي جي ڄمڻ تي معمولي شي ءِ ورهائي  نياڻي جي ڇٺي ڪئي ويندي آهي اڄ به ڪيترن ئي گهرن ۾ مرد لاءِ ماني يا کاڌي پيتي جو حصو ڳچ حصو ڪڍيو ويندو آهي ،گهر ۾ راند ڪرڻ لاءِ رانديڪا پڻ نياڻي جي کيڏڻ لاءِ گُڏي هٿ ۾ پڪڙائي ويندي آهي  جنهن جو مطلب اهو هوندو آهي ته عورت کي ٻار ئي سنڀالڻا آهن يا وڏي ٿي ٻار ئي ڄڻڻا آهن ، جڏهن ته نياڻي ڪار به هلائي سگهي ٿي ،پنهنجي حفاظت لاءِ بندوق  به هلائي سگهي ٿي ، پر پوءِ به اسان جي سماج ۾  نياڻي جي تعليم تي ڪا خاص توجهه ڪونه ڏني وڃي ٿي ،پٽ کي معياري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويندو آهي پر ڌي ءِ کي عام اسڪول ۾ داخلا ڪرائي ويندي آهي اهو ئي سبب آهي جو نياڻي پنهنجي تعليمي قابليت کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ گهر ۾ تمام گهڻي محنت ڪري اسڪول ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندي آهي .اهو ئي سبب آهي اسان جي سماج ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون بورڊ جي امتحانن ۾ بهترين پوزيشنون کڻي وينديون آهن .

ٻيو رخ عورتن سان اڻ برابري وارو اهو آهي ته اسان جي معاشري ۾ نياڻين جي تعليم کي ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته اڄ به عورتن کي ٻارن ڄڻڻ واري مشين سمجهيو وڃي ٿو ،ان ڪري هن کي ڪتابن واري دنيا کان پري رکيو وڃي ٿو، ڪتابن کان پري رکڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اهو آهي ته ڪتابن ۾ علم جا خزانا لڪيل هوندا آهن انهن ڪتابن م عورتن جي حقن جي ڄاڻ ڏنل هوندي آهي ،عورتن کي ڪتابن کان پري رکڻ جو مقصد اهو پڻ هوندو آهي ته ڪٿي ڪتاب پڙهڻ سان عورتن جا ذهن با شعور بڻجي معاشري ۾ ٿيندڙ نا انصافين اڻ برابري واري عنصر کي ڪٿي وائکو نه ڪري وجهن ،ڪتابن کان پري رکڻ جو هڪ مقصد اهو پڻ هوندو آهي ته ڪٿي ملڪيت مان حصو وٺڻ جهڙيون نه ٿي پون،ٻيو ته ٺهيو پر عورتن کي صحت جي بنيادي سهولتن کان پڻ پري رکيو ويندو آهي ،ڪيئي عورتون ويم دوران موت جي منهن ۾ هليون وينديون آهن ،ڪيتريون ئي عورتون صحت جي بنيادي سهولتون نه هئڻ  جي ڪري اجل جو شڪار بڻجي وينديون آهن .جڏهن ته حقيقت اها آهي ته عورت بنا هي دنيا ئي اڻ پوري آهي عورت بنا گهر ئي اڻپورو هوندو آهي گهر کي گهر بنائڻ واري صرف عورت جي ذات آهي اها عورت ئي آهي جيڪا مرد سان گڏ ٻنين ۾ فصل پوکي ٿي  تيز اس ۾گرمي جي  تپش ۾ ڪڻڪ جو لابارو ڪري ٿي ،ڪپڙو ٺهڻ لاءِ ووئنڻ پوکي ٿي ڦٽيون چونڊي ٿي پر اها عورت جيڪا پاڻ ڪڻڪ پوکي ٿي ان کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني جو ڳڀو ئي مشڪل سان نصيب ٿئي ٿو اها عورت جيڪا ووئنڻ  پوکي ڦٽيون چونڊي ٿي ان جي بدن تي ڪپڙا ئي ڦاٽل پراڻا ڪپڙا پهريل هوندا آهن ڪيترائي ڀيرا سفر دوران جڏهن رستي جي پاسن کان ٻنيون نظر اچن ٿيون تنهن وقت تيزي سان هلندڙ منظرن ۾ عورت جو وجود اسان کي  ٻنين ۾ نظر م ايندو آهي.اها ڪا هٿ ٺوڪي آکاڻي ناهي پر اها اڄڪلهه جو زندهه مثال آهي.مرد ڪاوڙ دوران هن جي نظر  سڌو ئي عورت تي پوندي آهي ،کُڙي ۾ عقل ،بي عقل ،گهٽ عقل جهڙا طعنا مهڻا پڻ عورت جو مقدر هوندا آهن.

سو اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته عورت جي تعليم سان ئي جهالت جي پاڙ پٽجندي. ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي آڻي سگهبي خوشحالي جي ضامن عورت ذات  آهي  ، ڇاڪاڻ ته گهر ن  ۾ نازڪ ذهنن ٻارن جي پرورش ،تربيت ۽ پالنا ڪرڻ صرف عورت سان ئي ممڪن آهي .

عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان  اسان کي عورتن متعلق ڪجهه اهم نقطن تي غور ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي اهي نقطا هيٺين ريت آهن.

v ڇوڪرن  ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن،

راندين توڙي علاج معالجي،تربيت ۾ هڪجهڙا رويا اختيار ڪرڻا پوندا

v نصابي ڪتابن ۾ مواد ۾ ڪوبه مرد عورت ۾ تضاد وجهندڙ عنصر کي ٻاهر ڪڍيو وڃي.

v اظهار جي آزادي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي برابري جي بنياد تي ڏني وڃي.

v عورتن جي صلاحيتن کي دٻايو نه وڃي ان جي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن

v شادي ۾ پسند نا پسند ڪرڻ جو اختيار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي برابري جي بنياد تي ڏنو وڃي

v قانون متعلق ڄاڻ مرد توڙي عورتن کي  ڪورس جي ڪتابن ۾ ڏيڻ جي ضرورت آهي .

v ريتن توڙي رسمن ۾ مرد عورت جي خواهش ۽ عزت نفس جو تقدس جو خيال رکڻ گهرجي.

v عورت جي عزت صرف لفظن ۾ نه پر قانوني طور عملي طور تي ڪرڻ گهرجي

v دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي جيڪڏهن نظر وجهجي ته اسان کي انهن ملڪن ۾ عورت ۽ مرد ڌار ڌار هئڻ جو تاثر اوهان کي گهٽ ملندو دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ مرد ۽ عورتون گهر جا ڪم ڪار توڙي روزگار پڻ گڏجي ڪندا آهن انهن ملڪن ۾ عورتن کي ڍال بنائڻ ،انهن جي وجود کي عليحده تسليم نه ڪيو ويندو آهي بلڪ عورت کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ انهن جي صلاحيتن کي نه صرف مڃيو ويندو آهي پر عورتن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو ورتو ويندو آهي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾اوهان کي  عورتون بسن جي اڏن تي ڪائونٽر تي موجود ملنديون ، ايئر پورٽ توڙي ريل گاڏين جي پليٽ فارمن تي ،بحري جهازن جي پورٽ تي هر جاءِ تي ڪم ڪندي ملنديون ان جي بر عڪس اسان جي ملڪ ۾ عورتون گهر جي ديوارن اندر يا ٻنين ۾ ملنديون .ان لاءِ عورتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي تبديلي لاءِ عملي طور تي وک وڌائيڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.