مودي جي اسرائيل سان ياري سان وچ اوڀر ۾ رهندڙ ڀارتي متاثر ٿيڻ جو خدشو

نيويارڪ(ع آ نيوز) آمريڪي رسالي ڊي سي جرنل هندستان جي وزيراعظم نريندر مودي جي اسرائيل نواز پاليسي جي ناڪاري اثرن جو پوسٽ مارٽم ڪيو آهي.ڊي سي جرنل رپورٽ ڪئي آهي ته مودي جي  اسرائيل جي دوري نار جي ملڪن ۾ هندستاني مفادن کي ڌڪ هنيو آهي. آمريڪي رسالي موجب نريندر مودي وچ اوڀر ۾ رهندڙ هندستانين جي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، مودي جو اسرائيل جو دورو معمول جي سفارتڪاري نه پر ايران خلاف هڪ واضح سياسي اتحاد آهي. پرڏيهي رسالي رپورٽ ۾ چيو آهي ته مودي جي نيتن ياهو سان کليل ويجهڙائي هندستان جي متوازن پرڏيهي پاليسي بابت سوال اٿاريا آهن. اسرائيل ڏانهن جھڪاءُ ايران ۽ نار جي ملڪن سان هندستان جي توازن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هندستان کي خليجي ملڪن ۾ اسرائيل نواز سيڪيورٽي ڪئمپ جو حصو سمجهيو پيو وڃي. آمريڪي رسالي وڌيڪ چيو ته نار جي ماڻهن جي راءِ ۾ مودي جي اسرائيل پاليسي جو ناڪاري تاثر وڌي رهيو آهي. مودي جي غير متوازي پرڏيهي پاليسي مان سڀ کان وڏو خطرو خليجي ملڪن ۾ رهندڙ لکين هندستاني مزدور آهن. ممڪن جواب جي صورت ۾، هندستاني مزدورن کي ويزا، روزگار ۽ سماجي دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.ڊي سي جرنل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن تڪرار وڌي ٿو ته، هندستانين جي موڪليل رقم پڻ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. مودي جي پاليسي جو ايران سان هندستان جي اسٽريٽجڪ مفادن تي اثر انداز ٿيڻ جو امڪان آهي. آمريڪي دٻاءُ هيٺ چابهار بندرگاهه جو منصوبو به خطري ۾ پئجي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.