تهران (م ڊ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته علائقي ۾ امن لاءِ مصالحت جون ڪوششون انهن ڌرين سان ٿيڻ گهرجن جن هن تڪرار جي باهه ڀڙڪائي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ صدر پزشڪيان چيو ته ايران خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، پر پنهنجي ملڪ جي وقار ۽ خودمختياري جو دفاع ڪرڻ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو. ايراني صدر وڌيڪ چيو ته مصالحت ڪندڙن کي گهرجي ته اهي آمريڪا ۽ اسرائيل سان ڳالهيون ڪن، جن ايراني عوام کي گهٽ سمجهيو ۽ هن جنگ جي شروعات ڪئي. هن واضح ڪيو ته ايران پنهنجي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.