عالمي معيشت لاءِ وڏو بحران، توانائي جي کوٽ ۽ مهانگائي جي طوفان جو انديشو

دوحا/لنڊن (م ڊ) قطر جي توانائي واري وزير سعد الڪعبي خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ سبب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نار وارن ملڪن مان تيل ۽ گئس جي برآمد مڪمل طور بند ٿي سگهي ٿي. فنانشل ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته جيڪڏهن هرمز جي لنگهه تان جهازن جي اچ وڃ معطل رهي ته تيل جي قيمت 150 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويندي، جيڪو عالمي معيشت کي تباهه ڪري سگهي ٿو. هن وقت برنٽ ڪروڊ جي قيمت 4.4 سيڪڙو واڌ سان 89.17 ڊالر تائين پهچي وئي آهي. قطر جي توانائي وزارت اڳ ئي حملن کانپوءِ ايل اين جي جي پيداوار روڪي ڇڏي آهي. الڪعبي موجب، جيڪڏهن جنگ اڄ به ختم ٿئي ته تيل جي فراهمي معمول تي اچڻ ۾ مهينا لڳي سگهن ٿا، جنهن سان سڄي دنيا ۾ توانائي جي کوٽ ۽ مهانگائي جو نئون طوفان ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.